32 پر عام ڪڻڪ ۽ اعليٰ قسم جي ڪڻڪ جو فصل برباد ڪين ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڃا سنگ ئي ڪين ڪيا هئا.
32 پر ڪڻڪ ۽ مڱ مارجي ڪين ويا، ڇالاءِ جو اهي اڃا وڌيا ئي ڪين هئا.)
پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگھير تہ جيئن ملڪ تي ماڪڙ اچي. اها ماڪڙ هر قسم جي ساوڪ ۽ هر ڪا شيءِ جيڪا ڳڙن کان بچي ويئي آهي سان کائي ويندي.“
موسيٰ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کنيو تہ سڄي مصر جي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين تمام گھاٽي اوندهہ ڇانيل رهي.
اها ايتري تہ گھڻي هوندي جو زمين کي پوريءَ طرح ڍڪي ڇڏيندي. ماڪڙ اوهان جي هر اها شيءِ کائي ويندي جيڪا ڳڙن جي آفت کان بچي ويئي آهي. توهان جا اُهي وڻ جيڪي ٻنين ۾ اُڀريا آهن، تن سڀني کي بہ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي.
ڳڙن جي ڪري سڻيءَ ۽ جوَن جو فصل برباد ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ جوَن سنگ ڪيا هئا ۽ سڻيءَ گل ڪڍيا هئا.
پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين. تڏهن اوچتو گجگوڙ، ڳڙا ۽ مينهن سڀ بند ٿي ويا.
نہ، بلڪ جڏهن هو زمين کي پوک لاءِ تيار ٿا ڪن، تڏهن هو ان ۾ جاڻ ۽ زيرو ٿا ڇٽين. هو اوڙون ڪڍي ڪڻڪ ۽ جَوَ ٿا ڇٽين، ۽ زمين جي ڪناري سان ٻاجھري ٿا پوکين.
خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”هاڻي تون پنهنجي لاءِ ڪجھہ ڪڻڪ، جَوَ، چونرا، مهريءَ جي دال، ٻاجھري ۽ چيڻو کڻ. روزانو انهن سڀني جي اٽي کي ٿانوَ ۾ ملائي پنهنجي لاءِ ماني پچائج. جيترا ڏينهن تون کاٻي پاسي تي ليٽيو رهندين، يعني ٽي سؤ نوي ڏينهن اها ئي پيو کائج.