Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 9:29 - Muslim Sindhi Bible

29 تڏهن موسيٰ چيس تہ ”آءٌ شهر کان ٻاهر نڪرڻ شرط دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس. گجگوڙ بند ٿي ويندا ۽ ڳڙا وڌيڪ نہ وسندا، انهيءَ لاءِ تہ ان مان تو کي خبر پوي تہ سڄي ڌرتي خداوند جي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 تڏهن موسيٰ چيس تہ آءٌ شهر مان ٻاهر نڪرڻ شرط پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس، ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويندا، تہ توکي خبر پوي تہ زمين خداوند جي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 9:29
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ سليمان بني اسرائيل جي سڄي قوم جي موجودگيءَ ۾ خداوند جي قربان‌گاهہ جي اڳيان وڃي بيٺو ۽ آسمان ڏانهن پنهنجا هٿ کڻي


تہ تون ماڻهن جي دعا ٻڌج. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا تنهنجي سڄي بني اسرائيل قوم ڏکايل دل سان دعا يا دانهن ڪري پنهنجا هٿ هن گھر ڏانهن کڻي،


شام جي قربانيءَ وقت، آءٌ پنهنجي ڦاٽل ڪپڙن ۽ جبي سميت شرمندگيءَ جي حالت ۾ اٿيس ۽ گوڏن ڀر ڪري خداوند پنهنجي خدا جي آڏو هٿ ڊگھيري


”اي ايوب! جيڪڏهن تون پنهنجي دل خدا ڏانهن مائل رکندين، ۽ پنهنجا هٿ هن ڏانهن ڊگھيريندين،


آسمان ۾ توڙي زمين تي، بلڪ سمنڊ جي اونهاين ۾ تري تائين، خداوند کي جيڪي وڻي ٿو سو ئي هو ڪري ٿو.


تڏهن آءٌ پنهنجا هٿ تو ڏانهن ڊگھيريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پياسي ڌرتيءَ جيان تنهنجو سِڪايل آهيان.


توڙي جو آءٌ بکايل هجان ها تہ بہ اوهان کي ڪين ٻڌايان ها، ڇاڪاڻ تہ هيءَ دنيا توڙي منجھس جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ منهنجو ئي آهي.


هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين سڀني قومن منجھان منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا. جيتوڻيڪ سڄي دنيا منهنجي آهي،


مون خداوند، ڇهن ڏينهن ۾ آسمان، زمين، سمنڊ ۽ سڀڪا شيءِ جيڪا انهن ۾ آهي سا جوڙي، پر ستين ڏينهن مون آرام ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو مون خداوند، سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني آهي ۽ انهيءَ کي رڳو پنهنجي لاءِ وقف ڪيو آهي.


پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي علائقي کي ڌار ڪندس، جتي منهنجي قوم ٿي رهي. اتي مکين جا ميڙ نہ هوندا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن تو کي خبر پوي تہ هن ملڪ جو مالڪ حقيقت ۾ آءٌ ئي آهيان.


سو مصر ۾ جيترو بہ پاڻي هو، تنهن تي هارون پنهنجو هٿ ڊگھيريو تہ ڏيڏر ٻاهر نڪري آيا ۽ مصر جي سڄي زمين کي ڍڪي ڇڏيائون.


پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين. تڏهن اوچتو گجگوڙ، ڳڙا ۽ مينهن سڀ بند ٿي ويا.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون ئي آهن.“


پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ”هي کاڌو بتن تي قربان ڪيل آهي،“ تہ جنهن اوهان کي جتايو انهيءَ جي ڪري ۽ ضمير جي ملامت ڪري اهو نہ کائو.


ڏسو، عرش عظيم سميت سمورا آسمان، زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو سڀ خداوند اوهان جي خدا جو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ