Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 9:24 - Muslim Sindhi Bible

24 سخت ڳڙا وسڻ شروع ٿيا، جن سان گڏ وڄ جا ڀڙڪندڙ شعلا بہ هئا. ڳڙا اهڙا تہ بدترين هئا جو مصر جي آباد ٿيڻ کان وٺي ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن ڪين وسيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 انهيءَ طرح ڳڙا وسڻ شروع ٿيا، ۽ ڳڙن سان گڏ باهہ بہ هئي؛ اهڙا ڳڙا جو مصر جي آباد ٿيڻ کان وٺي، ساري ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن ڪين وسيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 9:24
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي مون مصيبت نازل ڪرڻ لاءِ سانڍي رکي ڇڏيا آهن، هائو، جڏهن ماڻهو لڙايون ۽ جنگيون ڪن ٿا، تنهن وقت سندن مٿان وسائڻ لاءِ مون رکي ڇڏيا آهن.


هن برساتن جي بدران سندن سڄي ملڪ تي وِڄ جا شعلا نازل ڪيا ۽ مٿن خوب ڳڙا وسايائين،


تڏهن خدا تعاليٰ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، هائو، خداوند آسمان مان گجيو.


تنهنجا محلات، تنهنجي سڀني عملدارن جا گھر ۽ سڀني مصرين جا گھر انهيءَ سان ڀرجي ويندا. اها اهڙي تہ خراب هوندي جو اوهان جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن بہ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي هوندي.‘“ ائين چئي موسيٰ فرعون کان منهن ڦيري موٽي هليو ويو.


سو سڀاڻي هن ئي مهل آءٌ اهڙا سخت ڳڙا وسائيندس، جن جهڙا مصر ۾، ملڪ جي بنياد پوڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا.


سو موسيٰ پنهنجي لٺ آسمان ڏانهن بلند ڪئي تہ خداوند گجگوڙ ۽ ڳڙا موڪليا. زمين تي وڄ ڪرڻ لڳي ۽ مصر جي ملڪ تي


مصر جي سڄي ملڪ ۾ جيڪي بہ کُليل ميدان ۾ هو، ماڻهو توڙي جانور تن سڀني کي ڳڙن ماري وڌو. ڳڙن جي ڪري ٻنين جي سڄي ساوڪ برباد ٿي ويئي ۽ سڀ وڻ ڀڄي پيا.


انهيءَ سبب جو جڏهن خداوند جوش ۾ ايندو تڏهن سندس جلال وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ سندس هٿ ڌڪ هڻندي ڏسڻ ۾ ايندو. هائو، هن جو سخت قهر ساڙي رک ڪندڙ باهہ جي شعلن جي صورت ۾ ٻوڏ، طوفان ۽ ڳڙن سان اچي اشورين تي ڪڙڪندو.


مون مٿي کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ اتر طرف کان هڪڙو وڏو طوفان پيو اچي. ڏٺم تہ هڪڙي وڏي ڪڪر مان وڄ چمڪي رهي هئي ۽ انهيءَ جي چوڌاري آسمان مان تجلا ٿي نڪتا. تڏهن جتي وڄ چمڪي رهي هئي، انهيءَ جي وچ مان چمڪندڙ پتل جهڙي هڪ شيءِ ظاهر ٿي


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اهو بلڪل ائين ئي ٿيندو. اها ڀت يروشلم شهر آهي، جنهن کي آءٌ پنهنجي غضب وچان سخت طوفان موڪلي ۽ پنهنجي قهر مان تمام زوردار برساتون ۽ غضبناڪ ڳڙا موڪلي ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيندس.


ڇاڪاڻ تہ ان وقت واري مصيبت ايڏي تہ وڏي هوندي جيڪا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ