Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 9:21 - Muslim Sindhi Bible

21 پر جنهن خداوند جي ڳالهين تي ڌيان ڪونہ ڏنو، تنهن پنهنجا نوڪر ۽ پنهنجو چوپايو مال کُليل ميدان ۾ ئي ڇڏي ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 پر جنهن خدا جي ڪلام تي ڌيان ڪونہ ڏنو، تنهن پنهنجا نوڪر ۽ پنهنجو مال جهنگ ۾ ڇڏي ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 9:21
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو. هاڻ اُٿو ۽ خداوند خدا جي لاءِ هڪ عبادت‌گاهہ ٺاهيو، تہ جيئن اوهان خداوند جي عهد واري صندوق ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ آڻي انهيءَ گھر ۾ رکي سگھو، جيڪو خداوند جي نالي تي تعمير ڪيو ويندو.“


نہ، بلڪ جيڪڏهن هو انسان کان رڳو کيس ڏنل ساهہ واپس وٺي، ۽ سندس دم ئي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي،


خسيس انسان کي تون ايڏي اهميت ڇو ٿو ڏئين؟ ڇو تون هن کي سدائين پنهنجي نظر ۾ ٿو رکين؟


پوءِ فرعون موٽي پنهنجي گھر هليو ويو ۽ انهيءَ ڳالهہ جو بہ سندس دل تي ڪو اثر نہ ٿيو.


تڏهن فرعون جي رعيت مان جنهن کي بہ خدا جي چيل ڳالهين جو ڊپ هو، تنهن پنهنجا نوڪر ۽ چوپايو مال ڀڄائي گھر ۾ اندر آندو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن ڊگھير تہ سڄي مصر جي ملڪ تي ماڻهن، جانورن ۽ ٻنيءَ جي سموري ساوڪ جيڪا مصر ملڪ ۾ آهي، تنهن تي ڳڙا پون.“


سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌو اوڏانهن وڌيو وڃي، ۽ پوءِ مصيبت ۾ ڦاسيو پوي.


جڏهن مون اهو سڀ ڏٺو تہ وڏي ويچار ۾ پئجي ويس، ۽ انهيءَ ڳالهہ مان مون سبق حاصل ڪيو تہ


انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ تو کي ڏيکاريان ٿو، تنهن تي دل وَ جان سان ڌيان ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ ئي تو کي هتي آندو ويو آهي. سو جيڪي ڪجھہ تون ڏسين سو بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌائج.“


پوءِ هن مون کي چيو تہ ”اي دانيال! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ پهرئين ئي ڏينهن، جڏهن تو پنهنجيءَ دل ۾ ارادو ڪيو تہ انهيءَ ڳجھہ واري ڳالهہ جي سمجھہ حاصل ڪرين، جنهن لاءِ تو پنهنجي خدا جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪيو، تڏهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي ڪري ئي موڪليو ويو آهيان.


پر پوءِ بہ هوءَ مرڻ تي هئي تہ وٽس بيٺل عورتن کيس چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، ڇاڪاڻ تہ تو پٽ ڄڻيو آهي.“ پر هن نہ ڪا کين ورندي ڏني ۽ نہ ڪو ڌيان ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ