Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 9:18 - Muslim Sindhi Bible

18 سو سڀاڻي هن ئي مهل آءٌ اهڙا سخت ڳڙا وسائيندس، جن جهڙا مصر ۾، ملڪ جي بنياد پوڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڏس، سڀاڻي هن مهل ڌاري آءٌ تمام سخت ڳڙا وسائيندس جن جهڙا مصر ۾ سندس شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 9:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن راڻي ايزبل هڪڙي قاصد جي هٿان الياس کي چوائي موڪليو تہ ”جيڪڏهن سڀاڻي هن وقت ڌاري مون تو سان ائين نہ ڪيو جيئن تو بعل جي انهن نبين سان ڪيو هو تہ پوءِ ڀلي تہ ديوتا مون کي ماري ڇڏين.“


سو سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ پنهنجا سالار موڪليندس جيڪي تنهنجي محل ۽ تنهنجي عملدارن جي گھرن جي تلاشي وٺندا. هنن کي جيڪا بہ شيءِ وڻندي سا هو کڻي ايندا.“


تڏهن اليشع وراڻيو تہ ”خدا جيڪي فرمائي ٿو سو ٻڌ. هو چوي ٿو تہ ’سڀاڻي هن ئي وقت ڌاري سامريہ شهر جي دروازي تي ميدي جا ٽي ڪلوگرام ۽ جَوَن جا ڇهہ ڪلوگرام چانديءَ جي هڪ هڪ سڪي تي وڪامندا.‘“


هائو، اليشع بادشاهہ کي ٻڌايو هو تہ سڀاڻي سامريہ جي دروازي تي هن وقت ڌاري ميدي جا ٽي ڪلوگرام ۽ جَوَن جا ڇهہ ڪلوگرام هڪ هڪ چانديءَ جي سڪي تي وڪاڻبا.


پوءِ خواہ سيکت جي لاءِ توڙي رحمت جي لاءِ، هو اهو حڪم بجا آڻين ٿا.“


ڀلا، ڇا تون برف جي گدامن ۾ داخل ٿيو آهين؟ يا تو ڳڙن جا گدام ڏٺا آهن؟


جيڪي مون مصيبت نازل ڪرڻ لاءِ سانڍي رکي ڇڏيا آهن، هائو، جڏهن ماڻهو لڙايون ۽ جنگيون ڪن ٿا، تنهن وقت سندن مٿان وسائڻ لاءِ مون رکي ڇڏيا آهن.


تيئن تون پنهنجي واچوڙي سان سندن پيڇو ڪر. پنهنجي خوفناڪ طوفان سان تون انهن ۾ هيبت وجھہ.


ماڪڙ وڏي ولر جي صورت ۾ آئي ۽ سڄي مصر ملڪ مٿان ڇانئجي ويئي. اها ايتري تہ بي‌شمار هئي جو اهڙي ماڪڙ نڪي انهيءَ کان اڳي ڪڏهن آئي هئي ۽ نڪي ان کان پوءِ ايندي.


تنهنجا محلات، تنهنجي سڀني عملدارن جا گھر ۽ سڀني مصرين جا گھر انهيءَ سان ڀرجي ويندا. اها اهڙي تہ خراب هوندي جو اوهان جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن بہ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي هوندي.‘“ ائين چئي موسيٰ فرعون کان منهن ڦيري موٽي هليو ويو.


مصر جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم مچي ويندو، جو اهڙو نہ ڪڏهن اڳي ٿيو ۽ نہ وري هن کان پوءِ ڪڏهن ٿيندو.


تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجي قوم کان مٿي ٿو سمجھين ۽ کين وڃڻ نہ ٿو ڏين.


ماڻهن تي آسمان مان وڏا وڏا ڳڙا وسيا، جن مان هر هڪ جو وزن اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هو. انهن ڳڙن جي آفت جي ڪري ماڻهو خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ اها آفت ڏاڍي سخت هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ