Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 9:15 - Muslim Sindhi Bible

15 جيڪڏهن آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيري تو کي ۽ تنهنجيءَ رعيت کي وبا سان ماري ڇڏيان ها تہ تون زمين تان بلڪل ميٽجي وڃي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو هيستائين جيڪڏهن آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري توکي ۽ تنهنجيءَ رعيت کي وبا سان ماريان ها، تہ تون زمين تان ميٽجي وڃين ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 9:15
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.


يربعام جو اهو گناهہ سندس گھراڻي لاءِ تباهي ۽ برباديءَ جو سبب بڻيو.


پر جنهن خداوند اوهان کي پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زورآور هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، تنهن جي ئي عبادت ڪجو. انهيءَ اڳيان سر نوائجو ۽ انهيءَ لاءِ ئي قربانيون پيش ڪجو.


سو انهيءَ رات ڇا ٿيو جو خداوند جو هڪڙو ملائڪ نڪري آيو ۽ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ماڻهن ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


سو پاڻي موٽي آيو ۽ گاڏين، سوارن ۽ فرعون جي سڄي لشڪر کي، جيڪو هنن جي پٺيان ڪاهي سمنڊ جي وچ ۾ آيو هو ٻوڙي ڇڏيائين. انهن منجھان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.


پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيريندس ۽ انهن عجيب ڪمن سان، جيڪي آءٌ ڪندس مصر ملڪ کي سزا ڏيندس. ان کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.


هن دفعي آءٌ نہ رڳو تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت تي، بلڪ تنهنجي مٿان بہ تمام گھڻيون مصيبتون موڪليندس، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ سڄي دنيا ۾ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


پر حقيقت ڪري مون تو کي رڳو انهيءَ سبب جيئرو رهڻ ڏنو آهي تہ جيئن تو کي پنهنجي قدرت ڏيکاريان ۽ انهيءَ سان منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿئي.


تہ ياد رک، آءٌ تنهنجي چوپائي مال، جيڪو جھنگ ۾ آهي، يعني تنهنجا گھوڙا، گڏهہ، اٺ، ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون، تن ۾ اهڙو هٿ وجھندس جو منجھن سخت وبا پوندي.


ٻئي ڏينهن خداوند ائين ئي ڪيو جيئن چيو هئائين. سو مصرين جو سمورو چوپايو مال مري ويو، پر بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو.


پر جيڪڏهن اوهين بدڪار ۽ دغاباز هوندا تہ اوهان جو پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڪو حق نہ رهندو ۽ بيڪار ٻوٽن جيان اوهان کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪيو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ