32 پر فرعون هن ڀيري بہ پنهنجي دل سخت ڪئي ۽ وري بہ ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏنائين.
32 پر هن ڀيري بہ فرعون پنهنجي دل سخت ڪئي، ۽ انهن ماڻهن کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين.
خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ ”جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين تڏهن اهي سڀ معجزا جيڪي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي وڃي فرعون جي اڳيان ڏيکارج. آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.
هاڻي جڏهن فرعون ڏٺو تہ ڏيڏرن کان سندس جان ڇٽي ويئي آهي، تڏهن پنهنجيءَ دل کي وري سخت ڪيائين ۽ موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو.
تڏهن خداوند ائين ئي ڪيو، جيئن موسيٰ عرض ڪيو هئس. هن فرعون وٽان، سندس نوڪرن وٽان ۽ سندس رعيت وٽان مکين جا ميڙ هٽائي ڇڏيا ۽ هڪڙي بہ مک ڪانہ رهي.
تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”خداوند کان دعا گھرو تہ هي ڏيڏر مون تان ۽ منهنجي رعيت تان دفع ڪري، تہ آءٌ اوهان جي ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند لاءِ قرباني ڪن.“
فرعون جي پڇا ڪرڻ تي جڏهن کيس ٻڌايو ويو تہ ”بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو آهي،“ تڏهن سندس دل سخت ٿي ويئي ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو.
اي خداوند! ڇو تو اسان کي پنهنجين واٽن کان گمراهہ ٿيڻ ڏنو، ۽ اسان جي دلين کي اهڙو سخت ڪيئِہ جو اسين تو کان ڦري وياسون؟ موٽي اچ، اي خداوند! اسان پنهنجي انهن ٻانهن جي خاطر، جيڪي تنهنجي بندگي ڪندا ٿا رهون، هائو، پنهنجي انهيءَ قوم جي خاطر، جيڪا هميشہ لاءِ تنهنجي ئي آهي.
پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.
اوهين ڇو پنهنجيون دليون سخت ٿا ڪريو، جيئن مصرين ۽ فرعون پنهنجيون دليون سخت ڪيون هيون؟ پوءِ جڏهن خدا انهن تي پنهنجيون آفتون نازل ڪيون تڏهن ڇا هنن انهيءَ قوم کي وڃڻ نہ ڏنو؟ ڇا اهي هليا نہ ويا؟