30 ان کان پوءِ موسيٰ فرعون وٽان هليو ويو ۽ وڃي خداوند کان دعا گھريائين.
30 پوءِ موسيٰ فرعون وٽان هليو ويو ۽ وڃي خداوند کان دعا گهريائين.
تڏهن موسيٰ فرعون وٽان نڪري آيو ۽ اچي خداوند کان دعا گھريائين.
پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽان هليا ويا. موسيٰ وڃي انهن ڏيڏرن کي هٽائڻ لاءِ خداوند کان دعا گھري، جيڪي خداوند فرعون تي موڪليا هئا.
تڏهن خداوند ائين ئي ڪيو، جيئن موسيٰ عرض ڪيو هئس. هن فرعون وٽان، سندس نوڪرن وٽان ۽ سندس رعيت وٽان مکين جا ميڙ هٽائي ڇڏيا ۽ هڪڙي بہ مک ڪانہ رهي.
پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين. تڏهن اوچتو گجگوڙ، ڳڙا ۽ مينهن سڀ بند ٿي ويا.
تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي دعا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.