Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 8:27 - Muslim Sindhi Bible

27 اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻو پوندو ۽ اتي جيئن خداوند اسان جي خدا حڪم ڏنو آهي، تيئن سندس لاءِ قرباني ڪنداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 اسين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وينداسين ۽ اتي، جيئن خداوند اسان جو خدا اسان کي حڪم ڏيندو، تيئن سندس لاءِ قرباني چاڙهينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 8:27
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اسان جو چوپايو مال بہ اسان سان گڏ هلندو. انهن جو هڪڙو کُر بہ پوئتي نہ رهندو، ڇاڪاڻ تہ انهن مان ئي اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۾ ڪم آڻينداسين. اهو ئي سبب آهي جو جيستائين اسين اتي نہ وڃون تيستائين اسان کي خبر ڪانهي تہ ڪهڙا ڪهڙا جانور خداوند جي عبادت جي ڪم ايندا.“


خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“


اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا. پوءِ تون ۽ بني اسرائيل جا اڳواڻ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو. کيس چئجو تہ ’خداوند، عبرانين جي خدا، اسان کي ڏيکاري ڏني آهي. سو هاڻي توهان اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏيو، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قربانيون ڪريون.‘


جيڪي حڪم آءٌ اوهان کي اڄ ڏيان ٿو تن تي عمل ڪجو. ڏسو، آءٌ امورين، ڪنعانين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان سندن ملڪ مان لوڌي ٿو ڪڍان.


انهيءَ کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي، تہ بيابان ۾ وڃي اهي منهنجي شان ۾ عيد ڪن.‘“


تڏهن هنن چيس تہ ”عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي. سو اسان کي موڪل ڏي تہ اسين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون. جيڪڏهن ائين نہ ڪنداسين تہ متان هو اسان ۾ وبا موڪلي يا اسان کي جنگ ۾ مارائي ڇڏي.“


پوءِ هارون جي پٽن مان ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوبان‌دان کڻي انهيءَ تي ٽانڊا رکيا، انهن جي مٿان لوبان وڌائون ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي غير شرعي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هئن.


۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ