Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 8:15 - Muslim Sindhi Bible

15 هاڻي جڏهن فرعون ڏٺو تہ ڏيڏرن کان سندس جان ڇٽي ويئي آهي، تڏهن پنهنجيءَ دل کي وري سخت ڪيائين ۽ موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 پر جڏهن فرعون ڏٺو تہ هاڻي آرام ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي دل سخت ڪيائين ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 8:15
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن مصر جي بادشاهہ کي اها خبر پيئي تہ اهي ماڻهو ڀڄي ويا آهن، تڏهن فرعون ۽ سندس نوڪرن جي دل انهن ماڻهن جي خلاف ڦيرو کاڌو ۽ هو چوڻ لڳا تہ ”اسان هي ڇا ڪيو جو بني اسرائيل کي پنهنجي غلاميءَ مان نڪري وڃڻ ڏنوسين؟“


خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ ”جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين تڏهن اهي سڀ معجزا جيڪي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي وڃي فرعون جي اڳيان ڏيکارج. آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


پر فرعون توهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو. تڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگھيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس.


ماڻهن اُهي ميڙي کڻي ڍير ڪري ڇڏيا، تہ بہ زمين مان بدبوءِ ٿي آئي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجي لٺ ڊگھي ڪري زمين تي هڻي، تہ مصر جي سڄي زمين جي مٽي ڦري مَنهان مڇر ٿي پوي.“


تڏهن فرعون چيو تہ ”آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس تہ ڀلي وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريو. پر تمام پري نہ وڃجو ۽ منهنجي لاءِ بہ دعا گھرجو.“


موسيٰ وراڻيس تہ ”ڏس، آءٌ تو وٽان ٻاهر وڃان ٿو ۽ وڃي خداوند کان دعا گھران ٿو تہ سڀاڻي اهي مکيون تو وٽان، تنهنجي نوڪرن وٽان ۽ تنهنجيءَ رعيت وٽان هليون وڃن. پر ائين نہ ٿئي تہ تون وري اسان سان دغا ڪرين ۽ هنن ماڻهن کي خداوند جي لاءِ قرباني ڪرڻ واسطي وڃڻ نہ ڏين.“


پر فرعون هن ڀيري بہ پنهنجي دل سخت ڪئي ۽ وري بہ ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏنائين.


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”خداوند کان دعا گھرو تہ هي ڏيڏر مون تان ۽ منهنجي رعيت تان دفع ڪري، تہ آءٌ اوهان جي ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند لاءِ قرباني ڪن.“


جيڪو بي‌وقوف ماڻهو بار بار بي‌وقوفي ڪندو ٿو رهي، سو اهڙي ڪتي جيان آهي، جيڪو موٽي اچي پنهنجي ڪيل الٽي چٽي.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


جيئن تہ بدڪاريءَ جي سزا دير سان ڏني ٿي وڃي، جنهن کي ڏسندي ٻين ماڻهن جي دل بہ گناهہ واري زندگيءَ ڏانهن مائل ٿئي ٿي.


بدڪارن سان ڪيڏو بہ رحم وارو سلوڪ ڪيو وڃي، پر تڏهن بہ اهي حق جي راهہ تي نہ هلندا. اي خداوند! اهڙن ماڻهن کي تنهنجي عظمت جو بہ ڪو لحاظ ڪونهي، اهي تنهنجي هن انصاف واري ملڪ ۾ بہ بڇڙائي ڪندا ٿا وتن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان سان ڇا ڪريان؟ ۽ اي يهوداہ وارؤ! آءٌ اوهان سان ڪيئن هلان؟ اوهان جي وفاداري صبح جي ڪڪر جيان گم ٿيو وڃي هائو، جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي.


جيئن بني اسرائيل کي چيو ويو آهي تہ ”اڄ جڏهن اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن اوهان مون کي چڙ ڏيارڻ واري مهل ڪيو هو.“


تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن مون کي چڙ ڏيارڻ واري مهل، يعني آزمائش جي ڏينهن اوهان جي ابن ڏاڏن رڻ‌پٽ ۾ ڪيو هو.


سخت تپش جي ڪري ماڻهو ڏاڍا سڙي پيا. تنهن هوندي بہ انهن توبهہ نہ ڪئي جو خدا، جيڪو انهن آفتن تي اختيار رکي ٿو، تنهن ڏانهن ڦري سندس تعظيم ڪن. اٽلندو هو سندس خلاف ڪفر بڪڻ لڳا.


تڏهن اهي ڳئون سنئون سڌو رستو وٺي بيت‌شمس ڏانهن هليون. اهي شاهي رستي سان رنڀنديون ٿي ويون ۽ نہ ساڄي پاسي ڦريون نہ وري کاٻي پاسي. فلستين جا سردار انهن جي پٺيان بيت‌شمس جي سرحد تائين ويا.


هنن چين تہ ”جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق موڪليو ٿا تہ اها خالي نہ موڪلجو، بلڪ ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني سميت موٽائي موڪلجو. تڏهن ئي اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيندا ۽ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ هن جو ڳرو هٿ اوهان تان ڇو نہ پئي کڄيو.“


اوهين ڇو پنهنجيون دليون سخت ٿا ڪريو، جيئن مصرين ۽ فرعون پنهنجيون دليون سخت ڪيون هيون؟ پوءِ جڏهن خدا انهن تي پنهنجيون آفتون نازل ڪيون تڏهن ڇا هنن انهيءَ قوم کي وڃڻ نہ ڏنو؟ ڇا اهي هليا نہ ويا؟


ڌيان ڏجو، جيڪڏهن اها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيت‌شمس شهر ڏانهن وڃي، تہ ڄاڻجو تہ بني اسرائيل جي خداوند ئي اسان تي هيءَ وڏي آفت آندي آهي، نہ تہ اسين سمجھنداسين تہ انهيءَ ۾ هن جو هٿ ڪين هو. اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو جو اسان سان ٿيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ