Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 7:17 - Muslim Sindhi Bible

17 هاڻي آءٌ خداوند چوان ٿو تہ هينئر تو کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو ڏس، هيءَ لٺ جيڪا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر هاڻي خداوند چوي ٿو تہ هن مان توکي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان: ڏس، هيءَ لٺ، جا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياهہ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 7:17
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هڪڙو خدا جو ٻانهو اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيئن تہ ارامي سوچين ٿا تہ آءٌ خداوند جبلن جو ديوتا آهيان نہ ميدانن جو، تنهنڪري هيڏو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


هاڻ اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي هن جي هٿن مان ڇڏاءِ، تان‌تہ دنيا جون سڀيئي قومون ۽ بادشاهہ ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون ئي خدا آهين.“


تڏهن هن سندن ندين جو پاڻي رت ۾ بدلائي ڇڏيو، ۽ انهن ۾ موجود مڇيون ماري ڇڏيائين.


اتي هن مصرين جي ندين کي رت ۾ بدلائي ڇڏيو هو، ايتري قدر جو اهي پنهنجي چشمن جو پاڻي بہ پي نہ ٿي سگھيا.


تان‌تہ اي خداوند! اهي ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون خدا تعاليٰ ئي سڄي ڌرتيءَ جو حاڪمِ‌اعليٰ آهين.


تنهن کان پوءِ فرعون پنهنجي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياءَ ۾ اڇلايو ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو.“


هن ڪري بہ تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌائي سگھين تہ مون مصر ۾ ڪهڙا نہ ڪم ڪيا ۽ اتي جي ماڻهن کي ڪهڙا معجزا ڏيکاريا اٿم، انهيءَ لاءِ تہ اوهان سڀني کي خبر پوي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


پر جيڪڏهن هو انهن ٻنهي معجزن تي اعتبار نہ ڪن ۽ تنهنجي ڳالهہ نہ مڃين تہ پوءِ تون نيل درياءَ جو ٿورو پاڻي کڻي سڪيءَ زمين تي هاري ڇڏج. اهو پاڻي جيڪو تون درياءَ مان ڪڍندين سو سڪيءَ زمين تي رت ٿي پوندو.“


پر فرعون چيو تہ ”اهو خداوند ڪير آهي، جو آءٌ سندس ڳالهہ مڃي بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيان؟ آءٌ خداوند کي ڪونہ ٿو سڃاڻان ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.“


آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم بڻائيندس ۽ اوهان جو خدا ٿيندس. جڏهن مون اوهان کي مصرين جي غلاميءَ مان ڇڏايو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


تڏهن موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون لٺ کڻي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي روبرو درياءَ جي پاڻيءَ تي هنئي تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پيو.


جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصرين جي خلاف ڊگھيريندس ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“


آءٌ پنهنجي سخت قهر وچان کين سزا ڏيندس ۽ کانئن سخت انتقام وٺندس. هائو، آءٌ جڏهن پنهنجو غضب نازل ڪري کانئن بدلو وٺندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


ايتري قدر جو تنهنجو ملڪ ويران ۽ اجڙيل بيابان ٿي ويندو، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. جيئن تہ تو دعويٰ ڪئي آهي تہ نيل ندي تنهنجي آهي ۽ تو انهيءَ کي بڻايو آهي،


اهڙيءَ طرح آءٌ مصر ملڪ کي سزا ڏيندس. پوءِ اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


آءٌ مصر ملڪ ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو انهيءَ جا سڀ مددگار ماريا ويندا، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


جڏهن آءٌ مصر کي ويران ۽ سنسان ڪندس، ۽ اتي رهڻ وارن کي فنا ڪري ڇڏيندس، تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تنهنجي ملڪ جي سڄي ڌرتيءَ کي ويندي جبلن تائين آءٌ تنهنجي رت جو ريج ڏيئي ڇڏيندس، ۽ ان جون سڀ نهرون تنهنجي خون سان ڀريل پيون وهنديون.


اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي عظمت ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس. آءٌ گھڻين قومن سان اهڙي نموني پيش ايندس جو اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


پوءِ منهنجي قوم جا ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان، جنهن کين غير قومن ۾ جلاوطن بڻائي موڪليو هو ۽ هاڻي وري کين پاڻ سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪيو اٿم ۽ ڪوبہ هڪڙو پوئتي نہ ڇڏيو اٿم.


آسماني نگهبانن جي اها ئي فتويٰ آهي، هائو، پاڪن جي طرفان اهو ئي فيصلو ٻڌايو وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ساهوارو اها ڳالهہ قبول ڪري، تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي بادشاهت عطا ڪري ٿو، پوءِ اهو بلڪل ادنيٰ ماڻهو ئي کڻي ڇو نہ هجي.“


ماڻهو تو کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ تون جھنگلي جانورن سان وڃي رهندين. تون ڍڳن وانگر گاهہ چرندين ۽ ائين تو تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو تون قبول ڪرين تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.“


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.


اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.


انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو پيغام ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.


ٻئي ملائڪ توتارو وڄايو تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو تہ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ