Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 7:15 - Muslim Sindhi Bible

15 هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃجانءِ. هو انهيءَ مهل درياءَ تي ويندو. سو تون ساڻس ملڻ لاءِ درياءَ جي ڪناري تي وڃي بيهجانءِ ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پيئي هئي سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃج، ۽ ڏس، هو انهيءَ مهل درياهہ تي ويندو؛ ۽ تون کيس گڏجڻ لاءِ درياهہ جي ڪپ تي وڃي بيهہ، ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پئي هئي، سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 7:15
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مگر خدا مٿن ڪنهن کي بہ ظلم ڪرڻ نہ ڏنو، بلڪ انهن جي خاطر هن بادشاهن کي بہ ڇينڀيو هو.


ان وقت فرعون جي ڌيءَ درياءَ تي وهنجڻ آئي. سندس ٻانهيون درياءَ جي ڪناري تي گھمڻ لڳيون. اوچتو فرعون جي ڌيءَ جي نظر انهيءَ ٽوڪري تي پيئي. هن پنهنجي ٻانهيءَ کي موڪليو تہ اهو کڻي اچي.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون جڏهن پنهنجي لٺ فرعون ۽ سندس درٻارين جي اڳيان اڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”فرعون جي دل سخت ٿي چڪي آهي سو هو منهنجي قوم کي وڃڻ نہ ٿو ڏئي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀاڻي صبح جو سوير جڏهن فرعون درياءَ تي اچي تہ اڳ وٺي ساڻس ملجانءِ. کيس مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


تون کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر جا بادشاهہ فرعون! تون هڪڙي وڏي اجگر بلا آهين، جيڪو نيل نديءَ جي وهڪرن ۾ ليٽندي ٻٽاڪون ٿو هڻين تہ ”نيل ندي منهنجي آهي ۽ مون اها پنهنجي لاءِ بڻائي آهي.“ سو ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ