Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 6:23 - Muslim Sindhi Bible

23 هارون اليشبع سان شادي ڪئي، جيڪا نحسون جي ڀيڻ ۽ عمينداب جي ڌيءَ هئي. انهيءَ مان کيس چار پٽ ڄاوا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 هارون اليسبع سان شادي ڪئي، جا نحون جي ڀيڻ ۽ عميناداب جي ڌيءَ هئي؛ انهيءَ مان ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 6:23
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رام کان وٺي يسيءَ تائين نسب نامو هي آهي: رام مان عمينداب، عمينداب مان نحسون، جيڪو يهوداہ قبيلي جو سردار هو،


عمرام کي ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ هئا ۽ هڪ ڌيءَ مريم هئي. هارون جا پٽ هي هئا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جي ستر اڳواڻن کي وٺي مون وٽ مٿي چڙهي اچ. اوهين ڪجھہ مفاصلي تي بيهي سجدو ڪريو.


پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جا ستر اڳواڻ مٿي چڙهي ويا.


”تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ جيئن اُهي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس باقي بچيل ٻن پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان جيڪا اناج جي قرباني بچي آهي، سا کڻي بنا خمير جي پچائي قربان‌گاهہ جي ڀرسان وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيل آهي.


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙجو، نڪي خاص پوشاڪ ڦاڙجو، متان اوهين مري وڃو ۽ متان پوريءَ قوم تي خداوند جو غضب نازل ٿئي. پر بني اسرائيل مان اوهان جا ٻيا ماڻهو ڀلي انهن جي لاءِ سوڳ ملهائين جن کي خداوند ساڙيو آهي.


يهوداہ قبيلي مان نحسون ولد عمينداب،


اوڀر طرف پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪي قبيلا يهوداہ جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ هڪٻئي جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني يهوداہ جو سردار عمينداب جو پٽ نحسون ٿئي.


سو تون، هارون ۽ سندس پٽ اليعزر کي پاڻ سان هور جبل تي وٺي اچ.


موسيٰ هارون جي ڪهانت واري پوشاڪ لاهي سندس پٽ اليعزر کي پارائي. هارون اتي ئي جبل جي چوٽيءَ تي وفات ڪئي. پوءِ جڏهن موسيٰ ۽ اليعزر جبل تان هيٺ لهي آيا،


رام مان عمينداب پيدا ٿيو، عمينداب مان نحسون پيدا ٿيو ۽ نحسون مان سلمون پيدا ٿيو.


يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾ ڪاهنن جي ابياہ ٽولي ۾ زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو. سندس زال بہ هارون جي اولاد مان هئي، جنهن جو نالو اليشبع هو.


هارون جي پٽ اليعزر وفات ڪئي ۽ کيس انهيءَ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو، جيڪا سندس پٽ فينحاس کي افرائيم جي جابلو علائقي ۾ ڏني ويئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ