Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 6:16 - Muslim Sindhi Bible

16 لاويءَ کي ٽي پٽ هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري. انهن جي نالن تي لاويءَ جا گھراڻا هئا. لاويءَ جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ سال هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 لاويءَ جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن؛ جيرسون، قهات ۽ مراري؛ لاويءَ جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 6:16
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسحاق جي عمر هڪ سؤ اسي سال هئي


سندس ٽيون پٽ لاوي هو جنهن جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري.


جنهن جا پٽ هي هئا: حنُوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي.


يعقوب مصر جي ملڪ ۾ سترهن سال جيئرو رهيو. سو يعقوب جي ڪل عمر هڪ سؤ ستيتاليهہ سال هئي.


اهڙيءَ طرح يوسف هڪ سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هنن سندس لاش کي صدين تائين محفوظ رکڻ لاءِ سرهاڻيون لائي تابوت ۾ وجھي مصر ۾ رکيو.


دائود لاوين کي سندن گھراڻن موجب ٽن حصن ۾ ورهايو، يعني جيرشون، قهات ۽ مراري.


لاويءَ ولد يعقوب جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري.


لاويءَ جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري.


تڏهن هي لاوي ڪم لاءِ اُٿي کڙا ٿيا: بني قهات مان، محت ولد عماسي ۽ يوايل ولد عزرياہ، بني مراريءَ مان، قيس ولد عبدي ۽ عزرياہ ولد يهللئيل، بني جيرشون مان، يوآخ ولد زمہ ۽ عدن ولد يوآخز،


ان عرصي ۾ لاوي قبيلي جي هڪڙي ماڻهوءَ وڃي پنهنجي قبيلي جي هڪڙيءَ عورت سان شادي ڪئي.


قهات کي چار پٽ هئا: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي‌ايل. قهات جي عمر هڪ سؤ ٽيٽيهہ سال هئي.


عمرام پنهنجي پڦيءَ يوڪبد سان شادي ڪئي. انهيءَ مان کيس ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ پيدا ٿيا. عمرام جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ سال هئي.


اضهار جي پٽ قورح، جيڪو قهات جو پوٽو ۽ لاويءَ جو پڙپوٽو هو، تنهن هڪ دفعي موسيٰ جي خلاف بغاوت ڪئي. روبن قبيلي جا ٽي ٻيا شخص هر هڪ داتن ۽ ابيرام، جيڪي الياب جا پٽ هئا ۽ اون ولد پلت بہ ساڻس انهيءَ بغاوت ۾ شامل ٿيا.


لاوي قبيلي وارا جن جو شمار ڪيو ويو سي هي هئا: جيرشون جو نسل، قهات جو نسل ۽ مراريءَ جو نسل.


لاويءَ جا پٽ جيڪي پنهنجي پنهنجي نسل جا وڏا هئا سي هي آهن: جيرشون، قهات ۽ مراري.


جيرشون جي نسل مان هي آهن: لبني ۽ شمعي.


قهات جي نسل مان هي آهن: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي‌ايل.


مراريءَ جي نسل مان هي آهن: محلي ۽ موشي. اهي لاوي قبيلي جا وڏا هئا ۽ انهن جي نالن پٺيان لاوي ڪٽنب سڏجن ٿا.


جيرشون جي نسل مان لبني ۽ شمعي نالي ٻہ گھراڻا هئا.


پهريون ڪُڻو بني قهات لاءِ سندن گھراڻن موجب هن حصي تي پيو. لاوي جيڪي قهات جي نسل مان هارون ڪاهن جو اولاد هئا تن کي يهوداہ قبيلي، شمعون قبيلي ۽ بنيامين قبيلي مان تيرهن شهر مليا.


بني جيرشون کي اِسڪار قبيلي، آشر قبيلي، نفتالي قبيلي ۽ بسن واري منسيءَ جي اوڀر واري اڌ قبيلي جي گھراڻن مان تيرهن شهر مليا.


شمعون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، لاويءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، اِسڪار جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ