Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 6:14 - Muslim Sindhi Bible

14 موسيٰ ۽ هارون جي اباڻن خاندانن جا وڏا هي هئا. يعقوب جي پهريتي پٽ روبن کي چار پٽ هئا: حنُوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي. انهن جي نالن تي روبن جا گھراڻا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 هنن جي اباڻن خاندانن جا سردار هي آهن: اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جا پٽ؛ حنوڪ، فلو، حسرون ۽ ڪرمي، اهي روبن جا گهراڻا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 6:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سندس ٽيون پٽ لاوي هو جنهن جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري.


جنهن جا پٽ هي هئا: حنُوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي.


انهن جي گھراڻن جا وڏا هي هئا: عيفر، يسعي، الي‌ايل، عزرئيل، يرميہ، هوداوياہ ۽ يحدايل. هو جنگي جوڌا ۽ پنهنجن گھراڻن جا مشهور وڏا پڻ هئا.


روبن جا پٽ هي هئا: حُنوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي.


تولع جا پٽ هي هئا: عزي، رفاياہ، يري‌ايل، يجمي، ابسام ۽ سموئيل. اهي سڀ تولع گھراڻي ۾ پنهنجي ڪٽنبن جا وڏا هئا. هو پنهنجي زماني جا مشهور جنگي جوڌا هئا ۽ دائود بادشاهہ جي ڏينهن ۾ سندن اولاد جو تعداد ٻاويهہ هزار ڇهہ سو هو.


بالع جا پٽ هي هئا: اصبون، عزي، عزي‌ايل، يريموت ۽ عيري، جملي پنج ڄڻا. اهي پنهنجي گھراڻي جي ڪٽنبن جا وڏا هئا. هو مشهور جنگي جوڌا هئا ۽ سندن اولاد جو تعداد، جيڪي جنگ ڪري ٿي سگھيا، ٻاويهہ هزار چوٽيهہ هو.


اهود جو اولاد هي هو: نعمان، اخياہ ۽ جيرا. اهي جِبع شهر ۾ رهندڙ ڪٽنبن جا وڏا هئا، جن کي مناحت ڏانهن نڪري وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. عزا ۽ اخيهود جو پيءُ جيرا کين اوڏانهن وٺي هليو ويو.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو تہ ”توهين بني اسرائيل ۽ مصر جي بادشاهہ فرعون کي وڃي ٻڌايو تہ مون خداوند بني اسرائيل کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي اچڻ لاءِ توهان کي اڳواڻ مقرر ڪيو آهي.“


هارون جي پٽ اليعزر، فوطي‌ايل جي ڌيئرن مان هڪڙيءَ سان شادي ڪئي. انهيءَ مان کيس فينحاس پيدا ٿيو. اهي سڀ لاوي قبيلي جي ابن ڏاڏن جي گھراڻن جا وڏا هئا جن جي نالن سان گھراڻا ٿيا.


انهن ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ تي سڄيءَ قوم کي گڏ ڪيو ۽ سڀني ماڻهن جي سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب داخلا ڪئي ويئي. جن جي عمر ويهہ سال يا ويهن سالن کان مٿي هئي تن جي نالن جي لسٽ تيار ڪئي ويئي.


شمعون جي قبيلي مان نموايل جو نسل، يامين جو نسل، يڪين جو نسل،


جيڪو علائقو موسيٰ روبن قبيلي کي سندن گھراڻن موجب ڏنو هو سو هي هو:


بني روبن جي سرحد اولهہ ۾ اردن درياءَ جو ڪنارو هئي. اهي شهر ۽ ڳوٺ بني روبن جي گھراڻن جي ميراث ۾ هئا.


هي اُهي علائقا آهن جيڪي بني اسرائيل کي ڪنعان جي ملڪ ۾ ورثي طور مليا. اُهي علائقا اليعزر ڪاهن، يشوع ولد نون ۽ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کين ورهائي ڏنا.


اِهي آهن اُهي علائقا جيڪي اليعزر ڪاهن، يشوع ۽ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي گھراڻن جي وڏن سيلا شهر ۾ خداوند جي آڏو خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ ڪُڻان وجھي ورهايا. اهڙيءَ طرح هنن انهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ