Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 6:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو تہ ”توهين بني اسرائيل ۽ مصر جي بادشاهہ فرعون کي وڃي ٻڌايو تہ مون خداوند بني اسرائيل کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي اچڻ لاءِ توهان کي اڳواڻ مقرر ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون سان ڳالهايو ۽ کين بني اسرائيل لاءِ، ۽ مصر جي بادشاهہ فرعون لاءِ پيغام ڏنائين، ۽ چيائين، تہ بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 6:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سبب جو هن اوهان لاءِ پنهنجي ملائڪن کي حڪم ڏنو آهي، تہ اهي اوهان جي سڀني واٽن ۾ اوهان جي سنڀال ڪندا رهن.


تنهن تي موسيٰ خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”جڏهن بني اسرائيل ئي منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي تڏهن فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن ٻڌندو؟ خاص ڪري جڏهن تہ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو بہ آهيان.“


موسيٰ ۽ هارون جي اباڻن خاندانن جا وڏا هي هئا. يعقوب جي پهريتي پٽ روبن کي چار پٽ هئا: حنُوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي. انهن جي نالن تي روبن جا گھراڻا هئا.


هي اهي هارون ۽ موسيٰ آهن، جن کي خداوند فرمايو تہ ”بني اسرائيل جي پوريءَ قوم کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي اچو.“


هن انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا ۽ کيس پنهنجو جاءِ‌نشين مقرر ڪيائين، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خدا پنهنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هاڻي تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجھا آيا آهن، سو يشوع کي سڏ ۽ پوءِ اوهين ٻيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ اچي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي هدايتون ڏيان.“ تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ حاضر ٿيا.


اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت خدا جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، عيسيٰ مسيح ۽ خاص ملائڪن کي حاضر ناظر ڄاڻي بنا ڪنهن تعصب جي انهن هدايتن تي عمل ڪجانءِ ۽ ڪنهن جي بہ طرفداريءَ نہ ڪجانءِ.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، جيڪو هر جاندار کي زندگي ٿو بخشي ۽ عيسيٰ مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي


جيڪي هم‌ايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بي‌بقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


ڪوبہ سپاهي پنهنجي فرض جي ادائگيءَ دوران پاڻ کي دنيا جي معاملن ۾ نہ ٿو ڦاسائي، انهيءَ لاءِ تہ جنهن آفيسر کيس ڀرتي ڪيو آهي تنهن کي خوش ڪري.


هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا ۽ عيسيٰ مسيح، جيڪو وري اچي بادشاهہ جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ