Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 5:21 - Muslim Sindhi Bible

21 بني اسرائيل جي عملدارن کين چيو تہ ”شل خداوند اوهان کي ڏسي ۽ اوهان کي سزا ڏئي، جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ نفرتي ڪري ڇڏيو آهي. ڄڻ تہ هنن جي هٿن ۾ تلوار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ انهن کي چيائون تہ شل خدا اوهان کي ڏسي، ۽ اوهان جو انصاف ڪري، ڇالاءِ جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ اهڙو نفرتي ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ هنن جي هٿ ۾ ترار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 5:21
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سارائيءَ ابرام کي چيو تہ ”اهو سڀ تنهنجو قصور آهي جو هاجرہ مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. مون پاڻ اها تو کي ڏني هئي، پر جڏهن کان هوءَ پيٽ سان ٿي آهي تڏهن کان مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. شل خداوند انصاف ڪري تہ تو ۽ مون مان ڪير حق تي آهي.“


شل ابراهيم جو معبود، نحور جو معبود ۽ سندن پيءُ جا معبود پڻ اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪن.“ تڏهن يعقوب انهيءَ خدا جو قسم کنيو جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو.


تڏهن يعقوب شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ ”اوهان مون کي ڏک ڏنو آهي ۽ هن علائقي جي رهاڪن ڪنعانين ۽ فرزين ۾ مون کي نفرت جوڳو ڪيو اٿوَ. اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، سو جيڪڏهن هنن سڀني پاڻ ۾ گڏ ٿي مون تي ڪاهہ ڪئي تہ مون کي ماري وجھندا. آءٌ ۽ منهنجو سمورو گھر ٻار برباد ٿي ويندو.“


جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود سان سندن دشمني ٿي پيئي آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي بيت‌رحوب جي ارامين ۽ ضوباہ جي ارامين مان ويهہ هزار پيادن کي، معڪہ جي بادشاهہ کي هڪ هزار سپاهين سميت ۽ طوب جي ٻارهن هزار ماڻهن کي، ڪرائي تي گھرائي ورتو.


جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود هنن کان نفرت ڪرڻ لڳو آهي، تڏهن حنون ۽ بني عمون وارن مسوپتاميہ ۽ ارام ملڪ جي صوبن معڪہ ۽ ضوباہ مان جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار ڀاڙي تي ڪرڻ لاءِ چوٽيهہ هزار ڪلوگرام چاندي موڪلي.


هنن موسيٰ کي چيو تہ ”مصر ۾ قبرون ڪين هيون ڇا جو تون اتان اسان کي هن رڻ‌پٽ ۾ مرڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو جو اسان کي مصر مان ڪڍي آئين.


تڏهن ماڻهو موسيٰ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسين ڇا پيئون؟“


اُتي بيابان ۾ اهي سڀ موسيٰ ۽ هارون جي خلاف ڪرڪڻ لڳا.


تڏهن ماڻهن انهن تي يقين ڪيو. وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن زمين تي جھڪي سجدو ڪيائون.


هو فرعون وٽان جڏهن واپس اچي رهيا هئا تہ رستي تي کين موسيٰ ۽ هارون مليا جيڪي سندن انتظار ڪري رهيا هئا.


پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي نااميديءَ ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.


جهڙيءَ طرح چند مئل مکيون عطر جي پوريءَ بوتل کي بدبودار ڪريو ڇڏين، تهڙيءَ طرح ٿورڙي ئي بي‌عقلي سڄي ڏاهپ ۽ عزت کي خاڪ ۾ ملايو ڇڏي.


ڏاکڻي بيابان جي جانورن بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جا ايلچي اهڙي خطرناڪ ۽ مصيبت واري بيابان مان سفر ٿا ڪن، جنهن ۾ ببر شينهن ۽ ڪاريهر ۽ اڏامندڙ زهريلا نانگ آهن. اهي پنهنجي گڏهن ۽ اٺن جي پٺين تي قيمتي تحفا ۽ پنهنجا خزانا هڪڙي اهڙي قوم ڏانهن کڻي ٿا وڃن، جنهن مان کين ڪوبہ فائدو نہ رسندو.


آءٌ اتر کان حملي لاءِ ايندڙ وڏي لشڪر کي اوهان کان پري تڙي ڇڏيندس. آءٌ کين خشڪ بيابان ڏانهن ڀڄائي ڪڍندس. لشڪر جو اڳ وارو حصو کاري سمنڊ ۾، ۽ انهيءَ جو پٺ وارو حصو ڀونوچ سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. انهن جي لاشن مان ڌپ ۽ بدبوءِ ڦهلجي ويندي. آءٌ انهن کي اهڙيءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي وڏو نقصان ڏنو آهي.


تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو ملڪ نہ ڏسندو. هنن منهنجو جلال ۽ منهنجا معجزا، جيڪي مون مصر ۽ بيابان ۾ ڪيا سي ڏٺا آهن، تڏهن بہ مون کي هڪ دفعو نہ پر ڏهہ دفعا آزمايو اٿن، پوءِ بہ منهنجي ڳالهہ نہ مڃي اٿائون.


خداوند اسان کي انهيءَ ملڪ ۾ ڇو ٿو وٺي وڃي؟ اسين تہ جنگ ۾ مارجي وينداسين ۽ اسان جون زالون ۽ اسان جا ٻار لُٽ جو مال ٿي ويندا. ڇا اسان جي لاءِ اهو بهتر نہ ٿيندو جو اسين مصر ڏانهن موٽي وڃون؟“


سو جڏهن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي اها خبر پيئي تہ سائول فلستين جي پهريدارن کي مارائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي فلستين کي بني اسرائيل کان نفرت ٿي ويئي آهي، تڏهن ماڻهو جنگ لاءِ سائول وٽ جِلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.


پر اڪيس مٿس ڀروسو ڪندو هو ۽ دل ۾ سوچيندو هو تہ ”هن پنهنجو پاڻ کي پنهنجيءَ قوم بني اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿي رهندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ