Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 5:14 - Muslim Sindhi Bible

14 فرعون جا رکوالا انهن مٿان مقرر ڪيل بني اسرائيل جي عملدارن کي مار ڏيئي چوڻ لڳا تہ ”اوهان ڪالهہ ۽ اڄ سرن ٺاهڻ جو اوترو ڪم ڇو نہ ڪرايو آهي جيترو اڳي ڪرائيندا هئا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جن عملدارن کي فرعون جي مقدمن بني اسرائيل جي مٿان مقرر ڪيو هو، تن کي مار ڏيئي چوڻ لڳا تہ ڇو اوهان سرن جوڙڻ جو ڪم، ڪالهہ ۽ اڄ ايترو نہ ڪيو آهي، جيترو اڳي ڪندا هئا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 5:14
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن کان گاري ۽ سرن ٺهرائڻ جو ڪم ۽ پنهنجين ٻنين ۾ هر قسم جو ڪم سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون. انهن کان جيڪو بہ پورهيو ٿي ڪرايائون سو سخت ظلم سان ٿي ڪرايائون.


سندن رکوالا مٿن زور رکندا هئا ۽ چوندا هئا تہ ”اوهين روزانو اوتريون ئي سرون ٺاهيو جيتريون بُهہ ملڻ وقت ٺاهيندا هئا.“


تڏهن بني اسرائيل جا عملدار فرعون وٽ آيا ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اوهان پنهنجي ٻانهن سان اهڙي هلت ڇو ٿا ڪريو.


اٽلندو انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي فرعون انهن ماڻهن جي رکوالن ۽ سندن بني اسرائيل جي عملدارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ


هاڻي خداوند، قادرِمطلق خدا يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! جيڪي صيئون جبل تي رهو ٿا، اوهين اشور وارن کان نہ ڊڄو، توڙي جو اهي لڪڻ يا لٺ سان اوهان تي ظلم ڪن، جيئن مصر وارا ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ