8 مقدس خيمي جي چوڌاري اڱڻ کي قنات لڳائي اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏج.
8 ۽ تون چوڌاري اڱڻ بيهارج، ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگي ڇڏج.
پوءِ موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربانگاهہ جي چوڌاري اڱڻ جي قنات کڙي ڪرائي ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح موسيٰ هي سمورو ڪم ائين ئي پورو ڪيو، جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
تون مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ حوض رکائج ۽ انهيءَ ۾ پاڻي وجھائي ڇڏج.
پوءِ تون مسح ڪرڻ وارو تيل کڻي مقدس خيمي ۽ انهيءَ ۾ اندر موجود سڀني شين کي مسح ڪري مخصوص ڪج. اهڙيءَ طرح انهيءَ کي ۽ انهيءَ جي سموري سامان کي پاڪ ڪج، تڏهن اهو مخصوص ٿي ويندو.
آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.
خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان رسول، ٻيا خدا جو پيغام ڏيندڙ، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ.