Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 40:29 - Muslim Sindhi Bible

29 هن خداوند جي حڪم جي پوئواري ڪندي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ رکائي. هن انهيءَ تي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ اناج جي قرباني ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ هن جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جي در وٽ سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ رکي، ۽ انهيءَ تي سوختني قرباني چاڙهيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 40:29
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند لاءِ مخصوص ڪيل پتل واري قربان‌گاهہ هيڪل جي مقدس جاءِ ۽ نئين قربان‌گاهہ جي وچ ۾ هئي، سو هن اها اتان سوري نئين قربان‌گاهہ جي اترئين پاسي رکرائي ڇڏي.


پوءِ هن خدا سان ملاقات واري خيمي جي دروازي تي پردو ٽنگايو.


هن قربان‌گاهہ ۽ خدا سان ملاقات واري خيمي جي وچ ۾ حوض رکايو ۽ انهيءَ ۾ ڌوئڻ لاءِ پاڻي ڀرائي ڇڏيائين،


مقدس خيمي جي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ رکائج.


انهيءَ ماڻهوءَ اندرين اڱڻ جي ماپ ڪئي، جيڪو پنجاهہ ميٽر ڊگھو ۽ پنجاهہ ميٽر ويڪرو چورس هو. اندرين اڱڻ جي اولهہ ۾ هيڪل جي عمارت هئي ۽ انهيءَ جي آڏو اندرين اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ هئي.


خداوند خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! جڏهن قربان‌گاهہ تعمير ٿي وڃي تڏهن جيڪي قاعدا قانون آءٌ کيس وقف ڪرڻ لاءِ تو کي هاڻي ٻڌايان ٿو، تن تي تون عمل ڪراءِ. تنهن کان پوءِ اها قربان‌گاهہ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ٿيڻ لاءِ ۽ قرباني ڪيل جانورن جو رت ڇٽڪارڻ لاءِ مخصوص ٿيندي.


خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي مان موسيٰ کي سڏي


اوهين ڪيڏا نہ انڌا آهيو! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، نذر يا قربان‌گاهہ، جيڪا نذر کي پاڪ ٿي ڪري؟


اسان ايمان وارن جي تہ هڪ اهڙي قربان‌گاهہ آهي، جنهن مان مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪندڙ ڪاهنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.


مقدس ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ دائمي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ