25 هن اتي خداوند جي حضور ۾ ڏيئا ٻارايا.
25 ۽ خداوند جي حضور ۾ ڏيئا ٻاريائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
تون شمعدان جي مٿين گلن وارين ستن ڏياٽين لاءِ ست ڏيئا ٺهرائج. اهي ڏيئا شمعدان تي اهڙيءَ طرح رکائج جو انهن جي روشني سامهون هجي.
پوءِ هن خدا سان ملاقات واري انهيءَ خيمي ۾ مقدس جاءِ اندر ڏکڻ واري پاسي، خداوند جي حڪم مطابق ميز جي سامهون شمعدان رکايو.
تون ميز مقدس جاءِ ۾ آڻائي، انهيءَ جون سموريون شيون مٿس ٺاهي جوڙي رکائج. شمعدان بہ اندر آڻائي رکج ۽ انهيءَ جا ڏيئا ٻارائي ڇڏج.
”هارون کي چئُہ تہ ’جڏهن تون شمعدان تي ڏيئا رکين، تہ انهن ستن ئي ڏيئن کي اهڙيءَ طرح رک جو انهن جي روشني شمعدان جي اڳيان هجي.‘“
سو هارون ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو. هن ڏيئن کي اهڙيءَ طرح رکيو جيئن اهي شمعدان جي سامهون روشني ڪن.
انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آهن.