Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 4:14 - Muslim Sindhi Bible

14 انهيءَ تي خداوند موسيٰ تي تمام گھڻو ڪاوڙيو ۽ چيائينس تہ ”ڇا لاوي قبيلي جو هارون تنهنجو ڀاءُ نہ آهي؟ مون کي خبر آهي تہ هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو سگھي. ڏس، هو بہ تو سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي ۽ تو کي ڏسي دل ۾ خوش ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تڏهن خداوند، موسيٰ تي تمام گهڻو غصي ٿيو، ۽ چيائينس تہ لاوين منجهان هارون تنهنجو ڀاءُ ڪونهي ڇا؟ مون کي خبر آهي تہ هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو سگهي ۽ ڏس، هو بہ توکي گڏجڻ لاءِ اچي رهيو آهي، ۽ توکي ڏسي دل ۾ خوش ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 4:14
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند عُزہ تي بيحد ڪاوڙيو ۽ صندوق جي انهيءَ بي‌حرمتيءَ ڪرڻ ڪري خدا اتي ئي کيس ماري ڇڏيو. سو هو خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان مري ويو.


تڏهن خداوند سليمان تي ڪاوڙيو، ڇاڪاڻ تہ سندس دل خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان ڦري ويئي هئي، جنهن ٻہ ڀيرا کيس ڏيکاري ڏني هئي.


انهيءَ حڪم مان خدا بہ خوش نہ هو، تنهنڪري خدا بني اسرائيل کي سزا ڏني.


پوءِ هن پنهنجي بندي موسيٰ کي مصر ڏانهن موڪليو، ۽ هارون کي بہ چونڊي ساڻس گڏ موڪليائين.


پر موسيٰ وراڻيو تہ ”اي مالڪ! آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ انهيءَ ڪم لاءِ ڪنهن ٻئي کي موڪل.“


تون هيءَ لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻج، انهيءَ سان تون معجزا ڏيکاريندين.“


انهيءَ وچ ۾ خداوند هارون کي فرمايو تہ ”بيابان ۾ وڃي موسيٰ سان مل.“ سو هو انهيءَ سان ملڻ لاءِ خدا جي جبل تي ويو ۽ ساڻس ملي کيس چميائين.


هنن چيو تہ ”ڇا خداوند رڳو موسيٰ سان ئي ڳالهايو آهي؟ ڇا هن اسان سان پڻ نہ ڳالهايو آهي؟“ جيڪي هنن چيو سو خداوند کي ڪين وڻيو،


پاڪ روح ۽ اسان اهو مناسب سمجھيو تہ هنن خاص ڳالهين کان سواءِ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون


پر جڏهن مون ڀاءُ طيطس کي اتي نہ ڏٺو، تڏهن منهنجي دل کي آرام نہ آيو. سو آءٌ اتان جي ماڻهن کان موڪلائي مڪدُنيا صوبي ۾ آيس.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هر ڪو ماڻهو عيسيٰ مسيح جي ڳالهين کي نہ، بلڪ پنهنجي مطلب جي ڳالهين کي ٿو ڏسي.


تنهن کان پوءِ مون موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو ۽ مصر تي مصيبتون موڪليم. پوءِ مون اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آندو.


جڏهن يعقوب پنهنجي گھراڻي سميت مصر ۾ آيو ۽ مصري کين ستائڻ لڳا، تڏهن اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ فرياد ڪيو. سو خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آڻي هتي اچي آباد ڪيو.


تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو هي فرمان ٻڌايائين تہ ”ڇا جڏهن تنهنجي ڏاڏي هارون جو گھراڻو مصر ۾ فرعون جي غلاميءَ ۾ هو، تڏهن مون هارون کي ڏيکاري نہ ڏني هئي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ