42 مطلب تہ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تيئن ئي بني اسرائيل سمورو ڪم پورو ڪيو.
42 مطلب تہ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سمورو ڪم ڪيو.
سليمان جي بادشاهيءَ جي يارهين سال بُول مهيني ۾ جيڪو سال جو اٺون مهينو آهي، رٿيل نقشي تحت هيڪل پوريءَ طرح جڙي راس ٿي. اهڙيءَ طرح سليمان کي انهيءَ جي ٺهرائڻ ۾ ست سال لڳي ويا.
جيڪو حڪم دائود ڪاهنن ۽ لاوين کي ڪنهن بہ ڳالهہ بابت يا خزانن بابت ڏيندو هو، تنهن جي هو ڀڃڪڙي نہ ڪندا هئا.
پوءِ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو.
اوهان ۾ جيڪي ڪاريگر ماڻهو آهن، سي سڀ اچي اهي شيون ٺاهين جن جو خداوند حڪم ڏنو آهي،
اهڙيءَ طرح مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو. بني اسرائيل سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدا ٺاهيل ڪپڙا، يعني هارون ڪاهن جي خاص پوشاڪ، سندس پٽن جون خاص پوشاڪون، جن کي پائي هو ڪاهن واري خدمت ڪن.
موسيٰ انهيءَ سموري ڪم کي پنهنجيءَ نظر مان ڪڍيو ۽ ڏٺائين تہ هنن سڀ ڪجھہ خداوند جي حڪم مطابق ڪيو آهي، تڏهن کين دعا ڪيائين.
سو مون خداوند جي حڪم موجب اهو کڻي وڃي فرات نديءَ وٽ لڪايو.
جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان بيٺو هوندو هو، پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا هڪ مهينو هجي يا انهيءَ کان وڌيڪ عرصو هجي، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا ۽ روانا ڪين ٿيندا هئا. پر جڏهن اهو کڄندو هو تڏهن اهي منزل کڻي روانا ٿيندا هئا.
۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“
جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، نڪي انهيءَ ۾ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو.“
پنهنجو پاڻ کي خدا وٽ وڻندڙ يعني اهڙي محنتيءَ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جنهن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو پيغام صحيح نموني ۾ استعمال ڪندڙ هجي.
آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون ايمان کي محفوظ رکيو آهي.