Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 39:41 - Muslim Sindhi Bible

41 مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدا ٺاهيل ڪپڙا، يعني هارون ڪاهن جي خاص پوشاڪ، سندس پٽن جون خاص پوشاڪون، جن کي پائي هو ڪاهن واري خدمت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدي ڪم وارا ڪپڙا؛ هارون ڪاهن جي پاڪ پوشاڪ، ۽ سندس پٽن جون پوشاڪون، جن ۾ هو ڪهانت جي خدمت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 39:41
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجي ڀاءُ هارون جي عزت ۽ زينت جي لاءِ هڪڙي خاص پوشاڪ ٺهرائج.


پوءِ سينابند جي ڇلن کي مذهبي فراڪ جي ڇلي سان گڏ هڪڙي آسماني رنگ جي ڏوريءَ سان ٻڌائي ڇڏج، تہ جيئن اهو مذهبي فراڪ جي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند تي رهي ۽ سينابند مذهبي فراڪ تان هٽي نہ وڃي.


تون هارون جي پٽن واسطي بہ سندن عزت ۽ زينت جي لاءِ پهراڻ، پٽا ۽ ٽوپيون ٺهرائج.


عمدا ٺهيل ڪپڙا ۽ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ واسطي هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن جي لاءِ خاص پوشاڪون،


پوءِ مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ وارن ڪاهنن لاءِ انهن ڪاريگرن آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن مان عمديون پوشاڪون ٺاهيون. هارون لاءِ بہ خاص پوشاڪ ٺاهيائون. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


اڱڻ جي قنات، انهيءَ جا ٿنڀا پاون سميت، اڱڻ جي دروازي جو پردو، انهيءَ جا رسا، انهيءَ جون ڪليون ۽ مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جي خدمت ڪرڻ واسطي باقي سامان،


مطلب تہ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تيئن ئي بني اسرائيل سمورو ڪم پورو ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ