Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 39:38 - Muslim Sindhi Bible

38 لوبان ساڙڻ واري سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ، مسح ڪرڻ جو تيل، خوشبودار لوبان ۽ مقدس جاءِ جي دروازي وارو پردو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 سوني قربانگاهہ، ۽ مسح ڪرڻ جو تيل؛ خوشبودار لوبان؛ ۽ تنبوءَ جي در جي لاءِ پردو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 39:38
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙو گھر جوڙائڻ چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ ان گھر کي خدا جي لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي اڳيان خوشبودار لوبان ساڙيو وڃي. اتي سندس حضور ۾ باقائدہ مخصوص روٽ پيش ڪيا وڃن ۽ صبح شام، سبت جي ڏينهنِ تي، نئين چنڊ جي ڏينهنِ تي ۽ خداوند اسان جي خدا جي مقرر ڪيل عيدن تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهو بني اسرائيل لاءِ هميشہ جو قانون آهي.


ڏيئن لاءِ تيل، مسح ڪرڻ جي تيل لاءِ ۽ لوبان لاءِ مصالحا،


”لوبان ساڙڻ جي لاءِ تون هڪڙي قربان‌گاهہ ٺهرائج. تون اها ٻٻر جي ڪاٺ مان ٺهرائج.


انهيءَ کان پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


تون انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهائج، جيڪو ان جي مٿان، چئن ئي پاسن ۽ سڱن تي هجي. انهيءَ جي چوڌاري سون جي ڪناري ٺهرائج.


هارون هر روز صبح جو جڏهن ڏيئن کي ٺيڪ ڪري، تڏهن انهيءَ قربان‌گاهہ تي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙيندو رهي.


مسح ڪرڻ جو تيل ۽ مقدس جاءِ لاءِ خوشبودار مصالحن جو لوبان. اهي سڀ شيون، جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن هو تيار ڪن.“


ڏيئن لاءِ تيل ۽ مسح ڪرڻ جي تيل ۽ لوبان لاءِ خوشبودار مصالحا،


هن مسح ڪرڻ وارو مخصوص تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان بہ ڪاريگر عطار جي هنر موجب ٺاهيو.


پاڪ شمعدان، انهيءَ تي رکڻ لاءِ ڏيئا، انهيءَ جا سڀ ٿانوَ ۽ ڏيئن ٻارڻ جو تيل،


ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پتل جي قربان‌گاهہ، انهيءَ جو پيتلي آتشدان، انهيءَ جون ٻانهيون، انهيءَ جا سڀ ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ