Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 39:32 - Muslim Sindhi Bible

32 اهڙيءَ طرح مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو. بني اسرائيل سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 انهيءَ طرح جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سڀ ڪجهہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 39:32
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سليمان جي بادشاهيءَ جي يارهين سال بُول مهيني ۾ جيڪو سال جو اٺون مهينو آهي، رٿيل نقشي تحت هيڪل پوريءَ طرح جڙي راس ٿي. اهڙيءَ طرح سليمان کي انهيءَ جي ٺهرائڻ ۾ ست سال لڳي ويا.


حورام ڪاريگر ٿانوَ، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺاهيا. اهڙيءَ طرح حورام ڪاريگر اُهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جيڪو کيس سليمان بادشاهہ جي حڪم مطابق خداوند جي هيڪل ۾ ڪرڻو هو يعني


دائود چيو تہ ”اهي سڀيئي ڳالهيون يعني انهيءَ نموني جا ڪم خداوند جي طرفان جيئن مون کي سمجھايا ويا آهن تن جي لکت آءٌ تو کي ڏيان ٿو.“


پوءِ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو.


ڌيان رکج، اهي سڀ شيون اهڙي ئي نموني ٺهرائج، جيڪو مون تو کي جبل تي ڏيکاريو آهي.“


يعني مون خدا سان ملاقات وارو خيمو، عهد واري صندوق ۽ انهيءَ تي جيڪو رحمت جو پوش آهي سو ۽ خيمي جو سمورو سامان،


انهيءَ کي هنن هڪڙي آسماني رنگ جي ڏوريءَ سان هارون ڪاهن جي پڳ جي مٿان ٻڌي ڇڏيو. سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.


پوءِ هنن اهو مقدس خيمو سموري سامان سميت موسيٰ وٽ آندو. سامان ۾ هي شيون شامل هيون: خيمي جا ڪنڍا، فريم، گز، ٿنڀا ۽ انهن جا پاوا،


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


انهيءَ خيمي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق رکائج ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏج.


جڏهن بہ اهي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيندا هئا يا قربان‌گاهہ جي ويجھو ويندا هئا، تڏهن حوض مان پنهنجا هٿ پير ڌوئي ويندا هئا.


عهد واري صندوق، ميز، شمعدان، ٻئي قربان‌گاهون، مقدس جاءِ جا ٿانوَ جيڪي خدمت ڪرڻ ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا، مقدس ترين جاءِ جو پردو ۽ انهن شين سان لاڳاپو رکندڙ سڀڪو ڪم انهن جي ذمي هو.


۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، نڪي انهيءَ ۾ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو.“


هو هن ڪم لاءِ مقرر ڪرڻ واري خدا سان ائين وفادار رهيو، جهڙي نموني موسيٰ خدا جي سڄي گھراڻي ۾ پنهنجي ڪم سان وفادار رهيو.


هتي مقدس جاءِ ۾ هو جيڪا خدمت ڪن ٿا، سا آسمان واري مقدس خيمي واري حقيقي خدمت جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، خدمت واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ