Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 39:28 - Muslim Sindhi Bible

28 اهڙيءَ طرح پڳ ۽ ٽوپيون سنهي سڻيءَ مان ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي مان سٿڻون ٺاهيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جي پڳڙي، ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جون ٽوپيون، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جون سٿڻون جوڙيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 39:28
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کي وچ ۾ مٿي وجھڻ لاءِ سوراخ هجي. انهيءَ سوراخ جي چوڌاري گريبان وانگر هڪڙي اُڻيل پٽي هجي، انهيءَ لاءِ تہ اهو ڦاٽي نہ پوي.


تون سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جو چونڪڙين وارو پهراڻ، سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جي هڪڙي پڳ ۽ ڀرت ڀريل هڪڙو پٽو ٺهرائج.


جيڪا پوشاڪ هو ٺاهيندا سا هيءَ آهي: هڪڙو سينابند، هڪڙو مذهبي فراڪ، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳ ۽ هڪڙو پٽو. هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن لاءِ اها خاص پوشاڪ ٺاهين، تہ جيئن اهي منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي اها پوشاڪ پائين.


تون هارون جي پٽن واسطي بہ سندن عزت ۽ زينت جي لاءِ پهراڻ، پٽا ۽ ٽوپيون ٺهرائج.


تون انهن لاءِ سڻيءَ جي ڪپڙي جون سٿڻون ٺهرائج، تہ هو پنهنجو اگھاڙو بدن ڍڪين. اهي سٿڻون چيلهہ کان وٺي رانن تائين هجن.


هنن هارون ۽ سندس پٽن جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا پهراڻ ٺاهيا.


هنن سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳي مان ڀرت جي ڪم سان هڪڙو پٽو ٺاهيو. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


تاج، ٻانهن جا زيور، ڪمربند، عطردانيون ۽ تعويذ،


خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون يهوداہ جي بادشاهہ ۽ سندس والدہ راڻيءَ کي چئُہ تہ ’پنهنجي پنهنجي تخت تان هيٺ لهو، ڇو تہ اوهان جو شان وَ شوڪت وارو تاج اوهان جي مٿي تان لاٿو وڃي ٿو.


تڏهن ڪاهن پنهنجي سڻيءَ واري پوشاڪ پائي ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بدن تي ڍڪي ۽ ساڙڻ واري قرباني جيڪا سڙي رک ٿي ويئي هجي، سا رک کڻي هو قربان‌گاهہ جي هڪڙي پاسي رکي ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ