اهي هيرا جواهر يعقوب جي پٽن جي نالن مطابق تعداد ۾ ٻارهن هئا. جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهن ٻارهن ئي قبيلن جا نالا هر هڪ هيري جواهر تي جدا جدا اُڪريل هئا.
هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي خدا پيءُ جي پيار ۽ عيسيٰ مسيح جي حفاظت ۾ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.