Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 38:8 - Muslim Sindhi Bible

8 جيڪي عورتون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو خدمت ڪنديون هيون، تن جي آئينن واري پتل مان هن پتل جو هڪڙو حوض ۽ انهيءَ جي لاءِ پتل جي گھوڙي ٺاهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ هن پتل جو هڪڙو حوض، ۽ انهي جي لاءِ پتل جي صندلي جوڙي؛ هن اهي جماعت واري تنبوءَ جي در تي، جيڪي زالون خدمت ڪنديون هيون، تن جي آرسين مان جوڙيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 38:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ حورام ڪاريگر پتل جا ڏهہ ننڍا حوض ٺاهيا، هر هڪ ريڙهيءَ ۾ هڪ حوض رکڻو هو. هر هڪ ننڍي حوض ۾ پوڻا نوَ سؤ ليٽر ماپيا ٿي ۽ هر هڪ حوض پوڻا ٻہ ميٽر ويڪرو هو.


هن پتل جو پلٽيل هڪ وڏو گول حوض پڻ ٺهرايو، جنهن جي اوچائي سوا ٻہ ميٽر هئي، ان جو گھيرو ساڍا تيرهن ميٽر هو ۽ اهو هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ساڍا چار ميٽر هو.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي هيڪل ۾ پنهنجي بي‌ڏوهي هجڻ جي ثابتي ڏيڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڌوئي تنهنجي قربان‌گاهہ جو طواف ٿو ڪريان.


خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ


ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ ۽ انهيءَ جا سمورا ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي،


هن اهي ٻانهيون قربان‌گاهہ جي ٻنهي پاسن وارن انهن ڪڙن ۾ وڌيون، تہ جيئن قربان‌گاهہ کي کڻي سگھجي. هن اها قربان‌گاهہ تختن جي کوکي وانگر ٺاهي.


تون مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ حوض رکائج ۽ انهيءَ ۾ پاڻي وجھائي ڇڏج.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو منهنجي ڳالهہ ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجي دروازن تي بيهي انتظار ٿو ڪري. هائو، اهو جيڪو منهنجي دروازن جي چانئٺن تي بيٺو ٿو رهي.


ڄاريءَ واريون قميصون، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو، سربند ۽ سنها نقاب.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي سندن گناهن ۽ ناپاڪائيءَ کان ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙو چشمو جاري ٿيندو.


هوڏانهن پطرس جيڪو ٻاهر اڱڻ ۾ ويٺو هو تنهن کي هڪ نوڪرياڻيءَ اچي چيو تہ ”تون بہ تہ عيسيٰ گليليءَ سان گڏ هئين.“


عيسيٰ چيس تہ ”جيڪو وهنتل آهي تنهن کي پيرن ڌوئارڻ کان سواءِ ٻي ڪابہ گھرج نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ هو سڄو ئي پاڪ صاف آهي. سو اوهين بہ پاڪ آهيو، پر سڀيئي نہ.“


پر پطرس دروازي جي ٻاهران ئي بيٺو رهيو. تنهنڪري اهو ٻيو شاگرد جنهن جي وڏي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي سو موٽي ٻاهر آيو ۽ دربان ڇوڪريءَ کي چئي پطرس کي اندر وٺي وڃڻ لڳو.


اهڙي رن‌زال جيڪا سچ پچ نڌڻڪي ۽ بلڪل اڪيلي آهي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينهن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


سو اي پيارا ٻارؤ! ڪنهن جي دوکي ۾ نہ اچجو. جيڪو سچائيءَ جا ڪم ڪري ٿو سو ئي سچار آهي، جيئن مسيح سچار آهي.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. عيسيٰ مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏنو آهي


عيلي هاڻي تمام پوڙهو ٿي ويو هو. هن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو، جيڪي سندس پٽن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سان ٿي ڪيو ۽ اهو بہ ٻڌائين تہ جيڪي عورتون خدا سان ملاقات واري انهيءَ مقدس خيمي جي در تي خدمت ڪنديون هيون تن سان هو سمهندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ