Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 38:24 - Muslim Sindhi Bible

24 تفصيل مطابق اهو سمورو سون جيڪو مقدس خيمي جي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ خداوند کي نذر ڪيو ويو هو، سو عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ هزار ڪلوگرام هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 جيڪو سون عبادتگاهہ جي سڀني ڪمن ۾ استعمال ڪيو ويو، يعني نذراني وارو سون، سو سڀ اوڻٽيهہ قنطار ۽ ست سؤ ٽيهہ مشقال هو؛ ۽ اهي مشقال عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 38:24
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”بني اسرائيل کي چئُہ تہ اهي منهنجي لاءِ نذرانو آڻين. هر هڪ ماڻهو پنهنجي دل جي خوشيءَ سان جيڪو بہ نذرانو آڻي، سو تون منهنجي لاءِ هن کان وٺ.


اُهي سڀ هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکج. اهي انهن کي مون خداوند جي آڏو هٿن تي بلند ڪن، انهيءَ لاءِ تہ اها هٿن تي بلند ڪرڻ واري قرباني ٿئي.


پنج ڪلوگرام املداس ۽ ساڍا ٽي ليٽر زيتون جو تيل کڻي،


انهن مان مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي ڳچيءَ ۽ ڪنن جا زيور، منڊيون، ڪنگڻ ۽ سڀ سون جا زيور کڻي آيا، مطلب تہ جيڪي آيا سي سڀ خداوند جي لاءِ سون جو نذرانو کڻي آيا.


اهي سموريون قيمتون عبادت‌گاهہ جي سڪي موجب مقرر ٿينديون. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.


انهن ماڻهن جي قيمت، عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هن ريت ٿيندي. ويهن کان سٺ سالن جي عمر واري مرد جي قيمت پنجاهہ چانديءَ جا سڪا هجي.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.


ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا جي چاندي توڙي سون مون قادرِمطلق خداوند جو آهي.


اُهي ٻار جڏهن هڪ مهيني جا ٿين تہ انهن جي عيوضي جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا پنج سڪا جنهن ۾ سٺ گرام ٿين ٿا، وٺي کين ڇڏي ڏي.


تون انهن کان هر هڪ لاءِ عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق پنج چانديءَ جا سڪا وٺ. هڪڙي چانديءَ جي سڪي جي تور اٽڪل ٻارهن گرام آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ