Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 38:23 - Muslim Sindhi Bible

23 دان جي قبيلي مان احيسمڪ جو پٽ اهلياب بہ هن جو مددگار هو، جيڪو اُڪر جو ڪم ڪندڙ ۽ ماهر نقاش هو. هو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪندڙ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ دان جي قبيلي واري اخيسمڪ جو پٽ اهلياب بہ هن سان گڏ هو، جو اُڪرڻ جو ڪم ڪندڙ، ۽ هوشيار ڪاريگر هو؛ ۽ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي تي زردوزيءَ جو ڪم ڪندڙ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 38:23
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو ۽ ڏاس،


خيمي جي در لاءِ هڪڙو پردو ٺهرائج، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي.


”ڌيان سان ٻڌ، مون يهوداہ جي قبيلي مان اوريءَ جي پٽ ۽ حور جي پوٽي بصل‌ايل کي چونڊي ڪڍيو آهي.


مون دان جي قبيلي مان احيسمڪ جي پٽ اهلياب کي بہ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. سڀني ڪاريگر ماڻهن جي دلين ۾ هنر وڌو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ جن شين جو مون تو کي حڪم ڏنو آهي، سي سڀ ٺاهي تيار ڪن،


خداوند هن کي ۽ دان جي قبيلي مان احيسمڪ جي پٽ اهلياب کي هنر سيکارڻ جي قابليت عطا ڪئي آهي.


سو بصل‌ايل، اهلياب ۽ ٻيا سڀيئي ڪاريگر ماڻهو، جن کي خداوند دانائي ۽ سمجھہ عطا ڪئي هئي، سي مقدس خيمي جي ڪم جي سموري ڪاريگريءَ کي سمجھي خداوند جي حڪم موجب ڪم ڪندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ