Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 38:20 - Muslim Sindhi Bible

20 خيمي ۽ اڱڻ جي چوڌاري قناتن واريون سڀ ڪليون پتل جون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ خيمي جون ڪليون، ۽ چوڌاري اڱڻ جون ڪليون، سڀ پتل جون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 38:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سونين ڪلين جي تور ڇهہ سؤ گرام هئي. هن مٿين ڪمرن جي ڀتين تي پڻ سون چاڙهايو.


هاڻي ٿوري وقت کان تو خداوند اسان جي خدا اسان تي مهرباني ڪئي آهي جو اسان مان باقي بچيلن کي جلاوطنيءَ مان ڇڏايو اٿيئي تہ جيئن اسين تنهنجي هن پاڪ هنڌ تي سلامتيءَ سان رهون. تو اسان کي نئين زندگي ڏني آهي ۽ غلاميءَ جي باوجود اسان کي ٿورو آرام بخشيو اٿيئي.


خيمي ۾ استعمال ٿيندڙ هر قسم جا ٿانوَ، خيمي جون ڪليون ۽ اڱڻ جون ڪليون اهي سڀ پتل جا هجن.“


انهيءَ جا چار ٿنڀا ۽ انهن لاءِ پتل جا چار پاوا هئا. انهن جا ڪنڍا، بند ۽ چوٽيءَ وارو ڍڪ سڀ چانديءَ جا هئا.


مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ استعمال ٿيل ڌاتوءَ جو تفصيل ٺاهڻ لاءِ موسيٰ لاوين کي حڪم ڏنو ۽ اهو ڪم هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايتن هيٺ ڪيو ويو.


ڏاهپ جون ڳالهيون ريڍار جي انهيءَ لٺ مثل آهن، جنهن سان هو رڍن کي هڪلي ٿو. هائو، اهي گڏ ڪيل نصيحتون سُوئي وانگر چڀندڙ آهن. اهي سڀ نصيحتون انهيءَ جي طرفان عطا ڪيل آهن، جيڪو اسان سڀني جو ڌنار آهي.


آءٌ خداوند کيس اهڙيءَ طرح قائم ڪندس، جيئن ڪنهن مضبوط جاءِ تي ڪلي کوڙبي آهي. سو الياقيم پنهنجي ابي ڏاڏي جي گھراڻي لاءِ شان وَ شوڪت جو باعث بڻبو.


صيئون جبل ڏانهن نهاري ڏسو، جتي اسين مخصوص عيدون ملهائيندا آهيون. هائو، اوهين يروشلم ڏانهن نهاريو، جيڪو امن وَ سلامتيءَ جي جاءِ آهي. اهو اهڙي مضبوط تنبوءَ مثل آهي جنهن کي هٽائي نہ سگھبو، جنهن جا ڪِلا ڪڏهن بہ پٽي نہ سگھبا، ۽ جنهن جي رسن مان هڪڙو رسو بہ نہ ڇڄندو.


اهو ماڻهو بدن جي مٿي يعني مسيح سان پنهنجو لاڳاپو وڃائي ويهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي سڄو بدن سنڌن ۽ نسن جي وسيلي پرورش پائي پاڻ ۾ ڳنڍيل رهي ٿو ۽ خدا جي وڌائڻ سان وڌندو ٿو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ