Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 38:18 - Muslim Sindhi Bible

18 اڱڻ جي دروازي وارو پردو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هو، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا ۽ اهو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هو. اهو نوَ ميٽر ڊگھو ۽ اڱڻ جي قنات وانگر ٻہ ميٽر اوچو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ اڱڻ جي دروازي لاءِ زردوزي ڪم جو پردو هو، جو آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو هو؛ انهي جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي؛ ۽ اوچائي، اڱڻ جي پردن جي ويڪر موجب، پنج هٿ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 38:18
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن مقدس ترين جاءِ جي اڳيان هڻڻ لاءِ سوٽي ڪپڙي ۽ ٻين قسمن جي ڪپڙن مان نيري، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جو پردو ٺهرايو جنهن تي پردار آسماني مخلوق جون تصويرون اُڻيل هيون.


”تون مقدس خيمي جي قنات ۽ پال لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا ٺهرائج، جن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن. انهن تي ڪاريگريءَ سان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيل هجن.


خيمي جي در لاءِ هڪڙو پردو ٺهرائج، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي.


ٿنڀن جا پاوا پتل جا هئا ۽ ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا. ٿنڀن جي چوٽيءَ تي چانديءَ جو پٽ چاڙهيل هو. اڱڻ جي سڀني ٿنڀن کي چانديءَ جا بند پيل هئا.


انهيءَ جا چار ٿنڀا ۽ انهن لاءِ پتل جا چار پاوا هئا. انهن جا ڪنڍا، بند ۽ چوٽيءَ وارو ڍڪ سڀ چانديءَ جا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ