Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 38:1 - Muslim Sindhi Bible

1 بصل‌ايل ساڙڻ وارين قربانين جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ مان هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي. انهيءَ جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر، ويڪر بہ سوا ٻہ ميٽر ۽ اوچائي سوا ميٽر هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هن سوختني قربانيءَ جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ پنج هٿ هئي، ۽ اها چورس هئي، ۽ انهيءَ جي اوچائي ٽي هٿ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 38:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پتل جي ٺهيل اها قربان‌گاهہ، جيڪا بصلي‌ايل ولد اوري ولد حور ٺهرائي هئي، سا پڻ جِبعون ۾ مقدس خيمي جي اڳيان رکيل هئي. سو سليمان سڀني ماڻهن سميت اوڏانهن عبادت ڪرڻ لاءِ ويو


بادشاهہ سليمان پتل جي هڪ قربان‌گاهہ ٺهرائي جنهن جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري يعني نوَ ميٽر هئي، جڏهن تہ ان جي اوچائي ساڍا چار ميٽر هئي.


گھيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ڊالفن دريائي جانور جون کلون ۽ ٻٻر جو ڪاٺ،


خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ


ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ ۽ انهيءَ جا سمورا ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي،


هن انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ بڻايا. اهي سڱ ۽ قربان‌گاهہ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هئا. هن انهن تي پتل جو پٽ چاڙهيو.


هن خداوند جي حڪم جي پوئواري ڪندي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ رکائي. هن انهيءَ تي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ اناج جي قرباني ڏنائين.


مقدس خيمي جي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ رکائج.


پر جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس.


تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.


اسان ايمان وارن جي تہ هڪ اهڙي قربان‌گاهہ آهي، جنهن مان مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪندڙ ڪاهنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.


عيسيٰ مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ ابد تائين ساڳيو ئي آهي.


تنهنڪري اي پاڪ ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين خدا جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري هئي. هُن انهيءَ لٺ سان شهر جي ماپ ڪئي تہ اُن جي ڊيگھہ، ويڪر ۽ اوچائي هڪ جيتري ٻارهن ٻارهن هزار فرلانگ هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ