Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 37:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهن مجسمن جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هئا. سندن منهن هڪٻئي جي سامهون رحمت جي پوش ڏانهن هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 انهن ڪروبين جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هئا، ۽ سندن منهن هڪ ٻئي جي سامهون، رحمت جي پوش ڏانهن هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 37:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هن هڪڙو خواب ڏٺو تہ هڪڙي ڏاڪڻ زمين تي اُڀي رکي آهي ۽ انهيءَ جي چوٽي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ ڏٺائين تہ خدا جا ملائڪ انهيءَ تان پيا لهن ۽ چڙهن.


پوءِ اوڀر پاسي باغ جي لنگھہ وٽ پردار آسماني مخلوق سان گڏ هڪ تجليدار تلوار مقرر ڪيائين جيڪا چئني پاسن تي پيئي ڦري، تہ جيئن ڪوبہ باغ اندر زندگيءَ جي وڻ جي ويجھو وڃي نہ سگھي.


مقدس ترين جاءِ ۾ رکيل پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جا پَر پکڙيل هئا. انهن جي پکڙيل پَرن جون ٻاهريون چوٽيون پاسي وارين ڀتين سان ٿي لڳيون ۽ اندريون پَرن جون چوٽيون ڪمري جي وچ ۾ هڪٻئي سان ٿي لڳيون.


اهي مجسما اهڙيءَ طرح مٿي پر پکيڙي بيهن جو سندن پرن سان رحمت جو پوش ڍڪجي وڃي. ٻيئي مجسما هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿي رحمت جي پوش ڏانهن ڏسندا هجن.


پوءِ بصل‌ايل ٻٻر جي ڪاٺ جي ميز بہ ٺاهي، جنهن جي ڊيگھہ ٻہ هٿ، ويڪر هڪ هٿ ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هئي.


هڪڙو مجسمو هڪڙي ڇيڙي تي ۽ ٻيو مجسمو ٻئي ڇيڙي تي هو. هن اهي ٻئي مجسما رحمت جي پوش واري ساڳئي ٽڪري مان بڻايا.


هن جي چوڌاري شعلي جيان ڀڙڪندڙ مخلوق بيٺي هئي. انهن مان هر هڪ کي ڇهہ ڇهہ پر هئا، جن مان ٻن پرن سان هنن منهن لڪايا، ٻن پرن سان پنهنجا پير ڍڪيائون ۽ ٻہ پر سندن اڏامڻ لاءِ هئا.


پوءِ عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جي ملائڪن کي ابنِ آدم تي نازل ٿيندو ۽ مٿي ويندو ڏسندا.“


سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلوي جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس عظيم صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم خداوند پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ڪري ٿو.


خدا چاهيو ٿي تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آهن.


سچ تہ عيسيٰ مسيح جيڪو منهنجو خداوند آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري عظيم خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو. هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ