24 هن اهو شمعدان سموري سامان سميت چوٽيهہ ڪلوگرام نج سون مان ٺاهيو.
24 هن اهو، ۽ انهي جا سڀ ٿانو، نج سون جي هڪڙي قنطار مان جوڙيا.
هن انهيءَ جي مٿين گلن وارين ستن ڏياٽين لاءِ ست ڏيئا ٺاهيا. انهن ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ لاءِ چمٽا ۽ منگالا پڻ نج سون جا ٺاهيائين.
بصلايل ٻٻر جي ڪاٺ مان لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ بہ ٺاهي، اها چورس هئي ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪڙو هڪڙو هٿ هئي. انهيءَ جي اوچائي ٻہ هٿ هئي. انهيءَ جا سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هئا.