4 تڏهن اهي ڪاريگر، جن مقدس خيمي جي ٺاهڻ جو ڪم ٿي ڪيو، تن موسيٰ کي اچي چيو تہ
4 تڏهن سڀيئي هوشيار ماڻهو، جن عبادتگاهہ جو ڪم ٿي ڪيو، تن مان هرڪو پنهنجي ڪم تان آيو،
اهڙيءَ طرح ڪاريگرن پنهنجو پنهنجو ڪم ڪيو ۽ مرمت جو سمورو ڪم پورو ڪري هيڪل کي پهريون واري حالت ۾ آندائون ۽ انهيءَ کي مضبوط پڻ ڪيائون.
تڏهن هنن اهي سڀيئي نذراني واريون شيون، جيڪي بني اسرائيل مقدس خيمي جي بڻائڻ لاءِ آنديون هيون سي موسيٰ کان ورتيون. ماڻهو انهيءَ کان پوءِ بہ هر روز صبح جو پنهنجي مرضيءَ سان نذرانا آڻيندا رهيا.
”جنهن ڪم پوري ڪرڻ جو خداوند حڪم ڏنو آهي، ماڻهو انهيءَ جي ضرورت کان وڌيڪ شيون آڻي رهيا آهن.“
عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي کاڌو پيتو پوري وقت تي ڏئي؟
خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟
سو خدا جو فضل جيڪو هن مون کي بخشيو آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري.