Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 34:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هو چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجا رب! جيڪڏهن سچ پچ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پوءِ اي مالڪ! منهنجو عرض آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل، ڇاڪاڻ تہ هي ماڻهو ضدي آهن. تون اسان جا گناهہ ۽ خطائون معاف ڪر ۽ اسان کي پنهنجي ميراث بڻائي قبول ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿي آهي، تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ خداوند اسان سان گڏجي هلي، ڇالاءِ جو هي ضدي ماڻهو آهن؛ ۽ تون اسان جا قصور ۽ گناهہ معاف ڪر، ۽ اسان کي پنهنجي ميراث ڄاڻي قبول ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 34:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ خداوند بني يعقوب کي پنهنجي واسطي، هائو، بني اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊي ورتو آهي.


اي خداوند! منهنجي بدڪاري تمام وڏي آهي، سو پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب تون اها معاف ڪر.


اي خداوند! پنهنجي قوم کي بچاءِ، هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث کي برڪت عطا ڪر. تون انهن جو رکوالو ٿيءُ ۽ کين سدائين سنڀالي رک.


بيشڪ اها قوم سڀاڳي آهي، جنهن جو معبود رڳو خداوند آهي. هن انهيءَ قوم کي پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


هو پنهنجي قوم تي ايڏو تہ ڪاوڙيو، جو پنهنجي انهن خاص چونڊيلن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيائين.


اي خداوند! تون پنهنجي قوم کي اڪيلو نہ ڇڏيندين، هائو، تون پنهنجي انهن چونڊيلن کي رد نہ ڪندين.


هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين سڀني قومن منجھان منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا. جيتوڻيڪ سڄي دنيا منهنجي آهي،


خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”مون هن قوم کي ڏٺو آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ هيءَ ضدي قوم آهي.


موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”بيشڪ تو مون کي چيو آهي تہ ’هنن ماڻهن کي وٺي هل.‘ پر تو مون کي اهو ڪونہ ٻڌايو آهي تہ مون سان گڏ ڪنهن کي موڪليندين، جيتوڻيڪ تو ائين بہ فرمايو آهي تہ ’آءٌ تو کي نالي سان سڃاڻان ٿو‘ ۽ ’منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي.‘


آءٌ هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪرڻ وارو آهيان. بيشڪ آءٌ بڇڙائيءَ، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهيان، پر ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس. آءٌ ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندس.“


جيئن تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ضدي آهيو، اوهان جي ڪنڌ ۾ ڪلي آهي، ۽ اوهين پنهنجي هوڏ تي قائم ٿا رهو،


يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ. تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين. هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين. تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين، بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو.


انهيءَ ڏينهن خداوند پنهنجي پاڪ ملڪ مان وري بني يهوداہ واري حصي کي پنهنجي ميراث قرار ڏيندو ۽ يروشلم کي وري پنهنجو شهر ڪري قبول فرمائيندو.


هاڻ اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي واعدي ڪيل گھڻي شفقت موجب هن قوم جي بڇڙائي معاف ڪر، جهڙيءَ طرح تو مصر کان وٺي اڄ ڏينهن تائين کين معاف ڪيو آهي.“


۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


جڏهن تہ خداوند جو حصو سندس قوم ئي آهي، هائو، بني يعقوب ئي سندس ورثي جو ڀاڱو آهي.


پر خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو ۽ لوهہ جي کُوري يعني مصر مان ڪڍي اوهان کي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس ميراث واري قوم هجو، جيئن اڄ آهيو.


انهيءَ سبب جو جيڪو ڪم خداوند جي نظر ۾ بڇڙو هو سو ڪري اوهان کيس ڪاوڙايو هو. سو اوهان جي انهيءَ وڏي گناهہ جي ڪري آءٌ اڳي وانگر چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي آڏو سجدي ۾ پيو هئس، مون نڪا ماني کاڌي، نڪي پاڻي پيتم.


مون خداوند کان دعا گھري تہ ’اي خداوند خدا! تنهنجي قوم جيڪا تنهنجي ئي ميراث آهي تنهن کي برباد نہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجيءَ عظمت سان ڇڏايو آهي، جنهن کي تون پنهنجي زورآور هٿ سان مصر مان ڪڍي آيو آهين.


نيٺ تہ اهي تنهنجي ئي قوم ۽ تنهنجي ئي ميراث آهن، جن کي تون پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زورآور هٿ سان ڪڍي آيو آهين.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ