Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 34:6 - Muslim Sindhi Bible

6 خداوند موسيٰ جي اڳيان هيئن چوندي لنگھيو تہ ”آءٌ خداوند آهيان، هائو، اهو خداوند، جيڪو رحمان ۽ رحيم خدا آهي، لافاني شفقت ۽ وفا سان ڀرپور ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ بلڪل ڍرو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ خداوند هن جي اڳيان هيئن چوندو لنگهيو تہ ”خداوند، رحمان ۽ رحيم خدا، ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو، رحم ۽ سچ سان ڀرپور،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 34:6
47 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ چيائين تہ ”خداوند، منهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا کي ساراهہ جڳائي، جنهن منهنجي مالڪ تان پنهنجي لافاني شفقت ۽ وفا ڪين هٽائي آهي. خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي مائٽن ۾ وٺي آيو آهي.“


دائود جاد کي وراڻيو تہ ”آءٌ ڏاڍي مصيبت ۾ آهيان. هاڻي اسان جو خداوند جي هٿ ۾ هلي پوڻ ئي بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جون وڏيون رحمتون آهن. آءٌ ماڻهن جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.“


خداوند کيس چيو تہ ”ٻاهر نڪر ۽ جبل تي مون خداوند جي حضور ۾ هلي بيهہ. آءٌ خداوند اتان لنگھڻ وارو آهيان.“ انهيءَ ئي مهل سخت زوردار طوفان لڳڻ ڪري جبل ڦاٽي پيا ۽ ٽڪرَ ڀورا ڀورا ٿي ويا، پر خداوند طوفان ۾ ڪونہ هو. طوفان کان پوءِ زلزلو آيو، پر خداوند زلزلي ۾ بہ ڪونہ هو.


آءٌ تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل جڏهن بہ هن هيڪل ڏانهن منهن ڪري دعا گھرون، تڏهن تون پنهنجي عرش عظيم ۾ اها ٻڌي اسان جا گناهہ معاف ڪج.


جيڪڏهن اوهين خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا، تہ هو انهن جي دل ۾ رحم وجھندو جيڪي اوهان جي مائٽن ۽ اوهان جي اولاد کي قيد ڪري وٺي ويا آهن ۽ اهي جلاوطن ٿيل وري هن ملڪ ڏانهن موٽي ايندا. خداوند اوهان جو خدا فضل ۽ رحم وارو آهي. جيڪڏهن اوهين هن آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا تہ هو بہ اوهان کان منهن نہ موڙيندو.“


هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.


ڇاڪاڻ تہ تنهنجو رحم آسمانن تائين ٽمٽار آهي، بلڪ انهن کان بہ مٿي تائين. بيشڪ تنهنجي وفا عظيم آهي، جيڪا بادلن کان بہ مٿي تائين ڀريل آهي.


خداوند جيڪو رحيم ۽ ڪريم آهي، سو پنهنجي عجيب ڪمن جي يادگيري قائم رکي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ اهي سچائيءَ ۽ حق تي ٻڌل آهن. اهي هميشہ هميشہ تائين قائم وَ دائم رهندا.


اهي ماڻهو بيحد مهربان، رحمدل ۽ نيڪ آهن، بلڪ سچارن لاءِ هو اونداهيءَ ۾ روشنيءَ مثل آهن.


بيشڪ خداوند رحيم ۽ سچار آهي، اسان جو خدا ٻاجھہ ڪرڻ وارو آهي.


آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن منهن ڪري سجدو ڪندس. تنهنجي دائمي ٻاجھہ ۽ سچائيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي نالي ۽ قول کي هر شيءِ کان مٿاهون ڪيو آهي.


خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ دائمي ٻاجھہ وارو آهي.


انهيءَ ئي خداوند زمين، آسمان ۽ سمنڊ کي ۽ جيڪي ڪجھہ انهن ۾ آهي تنهن کي پيدا ڪيو آهي. هو پنهنجي واعدن کي هميشہ قائم رکي ٿو.


اي خداوند! تنهنجي ڀلائي ڪيڏي نہ عظيم آهي! جيڪا تو پنهنجي تعظيم ڪرڻ وارن لاءِ گڏ ڪري رکي آهي، ۽ جيڪا تو ماڻهن آڏو پنهنجي پناهہ ۾ آيلن تي ظاهر ڪئي آهي.


ڇاڪاڻ تہ تنهنجو رحم آسمانن تائين ٽمٽار آهي. بيشڪ تنهنجي وفا عظيم آهي، جيڪا بادلن تائين ڀريل آهي.


جيئن تہ اي ڌڻي! تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون دائمي شفقت ۽ وفا سان ڀرپور آهين، ۽ غصي ڪرڻ ۾ ڍرو آهين،


هن ڪري جو اي منهنجا ڌڻي! تون ئي معاف ڪندڙ ۽ ڀلو آهين. جيڪي تو کي پڪارين ٿا تن تي تون دائمي شفقت ڪندڙ آهين.


هو اوهان تي پنهنجي پرن جي ڇانوَ ڪندو، ۽ اوهين سندس حفاظت ۾ رهندا. سندس وفا اوهان جي واسطي ڍال ۽ پناهہ ٿيندي.


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


ڇاڪاڻ تہ اهو ئي رڳو هن جي بدن جو اوڇڻ آهي. پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ سو جيڪڏهن هن مون کي پڪاريو تہ آءٌ سندس فرياد ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ مهربان آهيان.


خداوند وراڻي ڏنس تہ ”آءٌ پنهنجي سڄي ڀلائي تنهنجي اڳيان ظاهر ڪندس. آءٌ تنهنجي ئي اڳيان پنهنجي نالي خداوند جو اعلان ڪندس. جنهن تي فضل ڪرڻو هوندم تنهن تي فضل ڪندس ۽ جنهن تي رحم ڪرڻو هوندم تنهن تي رحم ڪندس.


ڀرپور شفقت ۽ سچائيءَ کي پاڻ کان جدا نہ ڪريو. انهن کي پنهنجي ڳچيءَ جو هار بڻايو، بلڪ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏيو.


جيئن تہ بدڪاريءَ جي سزا دير سان ڏني ٿي وڃي، جنهن کي ڏسندي ٻين ماڻهن جي دل بہ گناهہ واري زندگيءَ ڏانهن مائل ٿئي ٿي.


انهيءَ ڏينهن تي ماڻهو ڳائي چوندا تہ ”خداوند جو شڪرانو بجا آڻيو، هن جي نالي کي ساراهيو. سڀني قومن ۾ سندس ڪمن کي پڌرو ڪريو. ماڻهن کي ٻڌايو تہ هن جو نالو ڪيڏو نہ بلند وَ بالا آهي!


پوءِ سندن ملڪ ۾ جيڪو بہ پنهنجي لاءِ برڪت گھرندو، سو مون سچي خدا جي نالي سان گھرندو. هائو، اتي جيڪو بہ قسم کڻندو، سو مون سچي خدا جي نالي سان کڻندو. اڳيون مصيبتون آءٌ ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان کان اهي وسري وينديون.“


تون هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪندو آهين، پر ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ تون سندن اولاد کان وٺندو آهين. تنهنجو نالو عظيم ۽ قادر خدا آهي، تون قادرِمطلق خداوند آهين.


پر فخر ڪندڙ رڳو انهيءَ ڳالهہ تي فخر ڪري تہ هو مون خداوند کي سڃاڻي ٿو، ۽ مون کي ئي پنهنجو مالڪ سمجھي ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جيڪو ڌرتيءَ تي لافاني شفقت، انصاف ۽ سچائي قائم ڪريان ٿو، بيشڪ، انهن ڳالهين ۾ ئي منهنجي خوشي آهي.“


جيئن روزانو نئين سر صبح جو تازگي هوندي آهي تيئن ئي سندس شفقت قائم وَ دائم آهي. بيشڪ خداوند جي وفا ڪيڏي نہ گھڻي آهي!


سو اي بني اسرائيل! پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجا ڪپڙا نہ ڦاڙيو، بلڪ پنهنجين دلين جي گھِراين سان خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو رحيم ۽ مهربان آهي. هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهي، ۽ عذاب نازل ڪرڻ کان مڙي وڃي ٿو.


هن خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! ڇا مون ان وقت ائين ئي نہ چيو هو جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هئس؟ اهو ئي سبب هو جو آءٌ جلدي ترسيس ڏانهن ڀڄي ويو هئس، ڇاڪاڻ تہ مون ڄاتو ٿي تہ تون رحيم ۽ مهربان آهين. تون ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهين. تون پنهنجي غضب نازل ڪرڻ کان باز اچڻ وارو آهين.


اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ. تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين. هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين. تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين، بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو.


تو پنهنجي قوم، جيڪي ابراهيم ۽ يعقوب جو اولاد آهن، تن جي ابن ڏاڏن سان گھڻو اڳي وفا ۽ دائمي شفقت جو واعدو فرمايو هو، تن کي هاڻي تون انهيءَ واعدي موجب وري نئين سر نوازيندين.


خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو پر طاقت ۾ عظيم آهي، ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ کان سواءِ ڪڏهن بہ ڪين ڇڏيندو. خداوند جي گھمڻ سان واچوڙا ۽ طوفان پيدا ٿين ٿا، ۽ ڪڪر سندس پيرن جي دَز مان ٺهن ٿا.


آءٌ انهيءَ سان ڳجھارتن ۾ نہ بلڪ روبرو ۽ کُليو کُلايو ڳالهائيندو آهيان، بلڪ هو تہ منهنجو روپ بہ ڏسندو آهي. تہ پوءِ ڇو اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ کان نہ ٿي ڊنا؟“


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


ائين ٿو لڳي جو تون خدا جي ڀلائيءَ، بردباريءَ ۽ صبر واري دولت کي خسيس ٿو سمجھين. ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبهہ ڏانهن ٿي ڇڪي؟


آءٌ خداوند جي نالي جي تعريف پيو ڪندس، اوهين بہ اي بني اسرائيل! اسان جي عظيم خدا جي تعظيم ڪريو.


جيئن تہ خداوند اوهان جو خدا، رحيم خدا آهي، سو هو اوهان کي نہ تہ ڇڏي ڏيندو، نڪي برباد ڪندو ۽ نہ ئي وري انهيءَ عهد کي وساريندو جيڪو هن قسم کڻي اوهان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌو آهي.“


پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا آهن، تن تي هزارين پيڙهين تائين آءٌ پنهنجي لافاني شفقت ڪندو آهيان.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي صبر بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ خداوند نهايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ