Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 34:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”اڄ آءٌ پوري قوم سان هڪ عهد ٻڌندس ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم جي اڳيان اهڙا معجزا ڏيکاريندس، جيڪي سڄي دنيا ۾ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪڏهن ڪونہ ڪيا ويا آهن. اوهان جي واسطي جيڪي هيبتناڪ ڪم آءٌ خداوند ڪندس، سي اهي سڀ قومون ڏسي ڊڄي وينديون جن ۾ اوهين رهو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تڏهن هن چيس تہ ڏس آءٌ عهد ٿو ڪريان، تہ آءٌ تنهنجي ساريءَ قوم جي اڳيان اهڙا عجيب ڪم ڪندس، جي ساريءَ زمين تي ڪنهن بہ قوم ۾ نہ ڪيا ويا آهن؛ ۽ جن ماڻهن ۾ تون رهين ٿو، سي سڀ خداوند جو ڪم ڏسندا؛ ڇالاءِ تہ جيڪي آءٌ توسان ڪندس، سو خوفناڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 34:10
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ئي اوهان جي تعريف جو حقدار آهي ۽ اهو ئي اوهان جو خدا آهي، جنهن اوهان جي لاءِ اهي وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺا.


تون ئي تہ خدا آهين جيڪو عجيب ڪم ڪرين ٿو. تو قومن ۾ پنهنجي قدرت ظاهر ڪئي آهي.


بيشڪ تو اهڙا تہ خوفناڪ ڪم ڪيا آهن، جيڪي اسان جي وهم وَ گمان ۾ بہ نہ هئا. تنهنجي هيٺ لهي اچڻ سان تہ جبل بہ ڏڪيو ٿي ويا.


اچو، اچي ڏسو تہ خدا ڇا ڇا ڪيو آهي. هو بني آدم جي وچ ۾ هيبتناڪ ڪم ٿو ڪري.


تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان معجزن ۽ هيبتناڪ ڪمن جي وسيلي وڏي دٻدٻي سان مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.


مصر ملڪ جي ضعن علائقي ۾، هن اسان جي ابن ڏاڏن جي روبرو عجيب وَ غريب ڪم ڪيا.


اوهين خدا کي هيئن چئو تہ ”تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ هيبتناڪ آهن، تنهنجي عظيم قدرت جي ڪري دشمن بہ اچي تنهنجي پيش ٿا پون.


خداوند، تنهنجو محافظ جيڪڏهن تو کي ڇڏي نہ ڏي ها، هائو، جيڪڏهن هو تو کي ٻين جي حوالي نہ ڪري ها، تہ پوءِ ڪيئن تنهنجي هڪ هزار جي پٺيان هڪڙو ڄڻو پوي ها، ۽ ڪيئن تنهنجي ڏهن هزارن کي ٻہ ڄڻا ڀڄائي ڪڍن ها؟


جڏهن ماڻهن نفيلن جو ڊگھو آواز ٻڌو ۽ وڏي آواز سان وٺي واڪا ڪيائون، تڏهن شهر جو ڪوٽ اتي ئي ڪري پيو. پوءِ ماڻهو نڪ سامهون شهر ۾ ڪاهي پيا ۽ اهو وڃي هٿ ڪيائون.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”اهي ڳالهيون تون پاڻ لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ انهن ئي ڳالهين موجب مون تو سان ۽ بني اسرائيل سان عهد ٻڌو آهي.“


بيشڪ آءٌ تنهنجي عظمت جو بيان ڪندو رهندس. هائو، تنهنجي قدرت جي هيبتناڪ ڪمن جو ذڪر ڪيو ويندو،


جيتوڻيڪ خدا مصر ملڪ ۾ هنن لاءِ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا، ۽ ڳاڙهي سمنڊ تي پڻ سندن لاءِ هيبتناڪ ڪم ڪيائين، تنهن هوندي بہ هنن کيس وساري ڇڏيو.


هو سردارن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن جي لاءِ هيبتناڪ آهي.


تون سچائيءَ وارن هيبتناڪ معجزن جي وسيلي اسان جا عرض اگھائين ٿو. اي اسان جا بچائيندڙ خدا! تون سڄيءَ دنيا جو، بلڪ جيڪي سمنڊ کان پري رهن ٿا تن سڀني جو بہ آسرو آهين.


هن ٻي ڪنهن بہ قوم کي اهڙيءَ نموني پنهنجي قاعدن قانونن کان آگاهہ ڪين ڪيو آهي. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


هن پنهنجو عهد، جيڪو سندس ڏهن حڪمن جي پوري ڪرڻ تي ٻڌل هو، سو اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد پڻ ڪيو. هن اهي حڪم پٿر جي ٻن تختين تي بہ لکيا.


اي خدا! تون پنهنجيءَ مقدس جاءِ ۾ ڪيڏو نہ هيبتناڪ آهين، اي بني اسرائيل جا خدا! تون پنهنجيءَ قوم کي زور ۽ طاقت بخشين ٿو. شال خدا سڳورو هجي.


موسيٰ خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون رهيو، پر اتي نڪي ماني کاڌائين ۽ نہ پاڻي پيتائين. اتي هن ٻنهي تختين تي انهيءَ عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.


آءٌ خداوند جي انهيءَ ڪاوڙ ۽ سخت ناراضپي کان ڊنس ٿي جيڪو کيس اوهان تي هو، ڇو تہ هو اوهان کي برباد ڪرڻ تي هو. پر هن دفعي بہ خداوند منهنجي ٻڌي.


شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا سڳورو هجي! رڳو اهو ئي تہ اهڙا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو.


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جيڪو اڪيلو ئي وڏا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


اي خداوند! اسان کي پنهنجا معجزا ڏيکار، جيئن تو انهن ڏينهن ۾ ڏيکاريا هئا، جڏهن تون اسان کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ