Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 33:7 - Muslim Sindhi Bible

7 موسيٰ تنبو کڻائي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر پرڀرو وڃي کوڙائيندو هو. انهيءَ تنبوءَ جو نالو ”خدا سان ملاقات وارو تنبو“ رکيو هئائين. جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ چاهيندو هو، سو خيمي‌گاهہ کان ٻاهر انهيءَ تنبوءَ ڏانهن ويندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پوءِ موسيٰ تنبو کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر پرڀرو وڃي کوڙيو؛ ۽ انهي جو نالو جماعت وارو تنبو رکيائين. ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪو ماڻهو خداوند جو ڳولائو هو، سو انهي تنبوءَ ڏانهن ويندو هو، جو منزلگاهہ کان ٻاهر هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 33:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو. سو دائود انهيءَ بابت خداوند کان پڇا ڪئي. خداوند کيس فرمايو تہ سائول ۽ سندس خوني گھراڻي جي ڪري اهو حال ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن جِبعونين کي قتل ڪيو هو.


اي خداوند! تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ منهنجي مصيبت جي وقت تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟


جڏهن تو هي فرمايو هو تہ ”اوهين منهنجي ديدار جا طالب ٿيو،“ تڏهن منهنجيءَ دل چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو طالب آهيان.“


اي خداوند! تو پاڻ اهو ڏٺو آهي، سو هاڻي تون خاموش نہ رهہ. اي منهنجا ڌڻي! تون مون کان منهن نہ موڙ.


پوءِ موسيٰ جي سهري يٿرو، خدا جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ ڪجھہ ٻيون قربانيون ڪيون. هارون ۽ بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ موسيٰ جي سهري سان گڏ اها قربانيءَ واري ماني کائڻ لاءِ خدا جي حضور ۾ آيا.


تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جھڪي نياز سان هن کي چميائين. ٻنهي هڪٻئي جي خيرعافيت پڇي، پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا.


سو بني اسرائيل سينا جبل وٽ ئي پنهنجو سينگار لاهي روانا ٿيا.


جڏهن موسيٰ انهيءَ تنبوءَ ڏانهن ويندو هو تہ سڀيئي ماڻهو اُٿي پنهنجي پنهنجي خيمي جي در تي بيهي موسيٰ جي پٺيان نهاريندا رهندا هئا، جيستائين هو انهيءَ تنبوءَ ۾ گھڙي نہ ويندو هو.


خداوند بدڪارن کان منهن موڙيو ڇڏي، مگر هو سچارن جون دعائون ٻڌي ٿو.


بلڪ اهي اوهان جا گناهہ ئي آهن، جن اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏي آهي. اوهان جي بدڪارين جي ڪري ئي هن اوهان کان منهن موڙيو آهي، جو هو اوهان جي نہ ٿو ٻڌي.


توڙي هنن ٻار پالي وڏا ڪيا هوندا، تہ بہ آءٌ انهن کي ماري ڇڏيندس، تان‌تہ بني آدم منجھان اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. اهو ڏينهن انهن لاءِ ويل جو ڏينهن هوندو، جڏهن آءٌ کانئن پري هليو ويندس.“


پر اتي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا تہ هو اوهان سان پرچي پوندو، پر شرط هي آهي تہ اوهين پوريءَ دل وَ جان سان سندس طالبو ٿيو.


اتي هو انهيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو حقيقي مقدس خيمو آهي ۽ جنهن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ