Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 33:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ان جو سبب هي هو تہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ ”بني اسرائيل کي منهنجو هي حڪم ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو، سو جيڪڏهن آءٌ هڪڙو لحظو بہ اوهان سان گڏ هلندس تہ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس. تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجو سينگار لاهي ڇڏيو، پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اوهان سان ڇا ڪريان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو؛ جيڪڏهن آءٌ هڪڙو لحظو اوهان سان گڏ هلندس تہ آءٌ اوهان کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. تنهنڪري اوهين پنهنجا سڀ زيور لاهيو، پوءِ آءٌ ڏسندس تہ ڇا ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 33:5
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري آءٌ اوڏانهن وڃي معلوم ڪندس تہ جيڪا دانهن مون ٻڌي آهي سا صحيح آهي يا نہ.“


خداوند چيس تہ ”ڇوڪر کي زخم نہ رساءِ ۽ ڪجھہ بہ نہ ڪرينس. هاڻ مون کي خبر پئي تہ مون خدا جو تون خوف رکين ٿو، ڇو تہ تو پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو آهي.“


بلڪ جڏهن هو موت ٿو آڻڻ چاهي تہ اڌ رات جي وقت اوچتو ئي مٿن آڻي ٿو ڪڙڪائي، تڏهن هر ڪو ڏڪندي ڏڪندي مريو وڃي، توڙي اهي طاقتور ماڻهو ڇو نہ هجن، اهي بہ بنا هٿ لڳائڻ جي دنيا مان کڄيو وڃن.


اي خدا! تون مون کي پرکي منهنجيءَ دل کي ڄاڻي وٺ. هائو، تون مون کي آزمائي منهنجو هر خيال پروڙي وٺ.


پوءِ ڪيئن نہ اهي اک ڇنڀ ۾ برباد ٿي وڃن ٿا. هائو، اهي خوف وچان بلڪل فنا ٿي وڃن ٿا.


خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”مون هن قوم کي ڏٺو آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ هيءَ ضدي قوم آهي.


سو بني اسرائيل سينا جبل وٽ ئي پنهنجو سينگار لاهي روانا ٿيا.


انهيءَ وقت خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.


جيئن تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ضدي آهيو، اوهان جي ڪنڌ ۾ ڪلي آهي، ۽ اوهين پنهنجي هوڏ تي قائم ٿا رهو،


منهنجي قوم وارن کي سندن گناهن جي سزا سدوم وارن جي سزا کان بہ وڌيڪ ڏني ويئي آهي. انهن جي شهر کي تہ هڪ پل ۾ ئي اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪو انساني دشمن انهيءَ تي چڙهائي ڪري نہ آيو هو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! تنهن هوندي بہ اڃا وقت آهي، جو اوهين پنهنجي پوريءَ دل سان، روزا رکندي، روئندي رڙندي ۽ پڇتائيندي مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.“


”اوهين پاڻ کي هن قوم کان ڌار ڪريو تہ آءٌ هنن کي هڪ پل ۾ برباد ڪري ڇڏيان.“


استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پاڪ روح جي مخالفت ڪندا آهيو.


اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ