Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 32:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هن اُهي سندن هٿن مان وٺي انهن کي پگھاريو ۽ سانچي ۾ وجھي، جوهريءَ جي اوزار سان انهيءَ مان هڪڙو گابو ٺاهيائين. تڏهن ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”اي بني اسرائيل! هي اوهان جو ديوتا آهي جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ هن اهي سندن هٿن مان وٺي، انهن کي پگهاريو ۽ سانچي ۾ وجهي، وينجهر جي اوزار سان گهڙي، انهي مان هڪڙو گابو جوڙيائين: ۽ هنن چيو تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 32:4
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري بادشاهہ صلاح مصلحت کان پوءِ سون جا ٻہ گابا ٺهرايا. پوءِ ماڻهن کي چيائين تہ ”اي اسرائيل وارؤ! يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گھڻي تڪليف ٿئي ٿي. سو اِجھو، هي آهن اوهان جا معبود جن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو هو.“


يربعام پنهنجي مرضيءَ موجب اٺين مهيني جي پندرهين تاريخ هڪڙي عيد مقرر ڪئي، جهڙي عيد يهوداہ ۾ ٿيندي هئي. پوءِ هو ساڳئي ڏينهن تي بيت‌ايل ڏانهن ويو جتي سوني گابي اڳيان قربان‌گاهہ تي قربانيون پيش ڪيائين ۽ اتي بہ هن جيڪي مختلف هنڌن تي پوڄا گھر ٺهرايا هئا تن ۾ پڻ مذهبي اڳواڻ مقرر ڪيا.


پوءِ ييهوءَ حڪم ڏنو تہ ”بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ سڀني ماڻهن کي گھرايو وڃي.“ تڏهن سڄي اسرائيل ملڪ ۾ اهڙو اعلان ڪيو ويو.


انهيءَ هوندي بہ ييهوءَ يربعام ولد نباط جي انهيءَ گناهہ کان منهن نہ موڙيو جيڪو يربعام اسرائيل وارن کان ڪرايو هو، يعني بيت‌ايل ۽ دان ۾ سونن گابن جي پوڄا.


هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جي پوڄا گھرن ۽ پنهنجي بڻايل گابي ۽ ٻڪر جي شڪل وارن بتن لاءِ پنهنجي ماڻهن کي مذهبي بزرگ مقرر ڪيو هو.


هاڻ وري اوهين خداوند جي بادشاهت سان مقابلي ڪرڻ جا منصوبا ٿا ٺاهيو، جيڪا دائود جي اولاد جي هٿن ۾ آهي. اها حقيقت آهي تہ اوهين هڪ وڏو لشڪر آهيو ۽ اوهان وٽ سونا گابا بہ آهن جيڪي يربعام ٺاهي اوهان کي معبود ڪري ڏنا آهن.


وري هنن پنهنجي لاءِ پلٽيل گابو جوڙيو ۽ چوڻ لڳا تہ ’هي ئي اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي مصر مان ڪڍي آندو آهي.‘ بلڪ هنن انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪفر واريون ڳالهيون ڪيون.


”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


اوهين پنهنجي لاءِ سون يا چانديءَ جا معبود ٺاهي، انهن کي مون سان گڏ شريڪ نہ ڪريو.


اوهين پنهنجي لاءِ ڪابہ تراشيل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙيو، جيڪا آسمان ۾، زمين تي يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي.


تون انهن ٻنهي پٿرن تي، جيئن جوهري منڊيءَ تي نقش اُڪريندو آهي تيئن يعقوب جي پٽن جا نالا اُڪرائج ۽ انهن ٻنهي پٿرن کي سون جي خانن ۾ جڙائي ڇڏج.


تون ٻن سليماني پٿرن تي يعقوب جي ٻارهن پٽن جا نالا اُڪرائج.


هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ جبل تان لهڻ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا. کيس چيائون تہ ”اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.“


تڏهن مون هنن کي چيو تہ جنهن جنهن وٽ سون هجي سو اهو لاهي کڻي اچي. سو هنن اهو مون کي آڻي ڏنو. مون اهو باهہ ۾ وڌو تہ هي گابو نڪري آيو.“


تنهن تي سڀيئي ماڻهو انهن جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي، اُهي هارون وٽ کڻي آيا.


سو خداوند ماڻهن تي انهيءَ سوني گابي ٺاهڻ واري گناهہ جي ڪري آفت آندي، جيڪو هنن هارون کان ٺهرايو هو.


هارون جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن انهيءَ جي اڳيان هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهيائين. پوءِ هارون پڙهو گھمرايو تہ ”سڀاڻي خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.“


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پنهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي.


جنهن راهہ تي هلڻ جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن. هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو ٺاهي انهيءَ کي سجدو ڪيو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ قربانيون ڪيون آهن. ان سان گڏوگڏ هنن چيو آهي تہ ’اي بني اسرائيل! هي اوهان جو ديوتا آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.‘“


پوءِ اوهين پنهنجي سون ۽ چانديءَ وارن بتن کي گند ڪچري جيان اڇلائي ڇڏيندا. هائو، اوهين انهن کي حيض واري ناپاڪ ڪپڙي وانگر پري اڇلائي ڇڏيندا، بلڪ اوهان جي نظر ۾ اهي پاخاني جي گند مثل هوندا.


ڪي ماڻهو پنهنجي ٿيلهين مان سون ڪڍي، ۽ چاندي تارازيءَ ۾ توري آڻي سوناري کي ٿا ڏين. پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو اهو سونارو سندن لاءِ انهيءَ مان هڪڙو معبود جوڙي تيار ٿو ڪري، جنهن جي آڏو هو سجدو ڪري کيس پوڄين ٿا.


ڪسبياڻيءَ وارا جيڪي ڪم هن مصر ۾ شروع ڪيا هئا، سي پوءِ بہ اڳتي هلي ڪندي رهي. نوجوانيءَ کان وٺي هن پاڻ سان زنا ڪرائي ۽ پنهنجي بدن کي ٻين جي حوالي ڪندي رهي، جيڪي ساڻس خوب نفساني خواهشون پوريون ڪندا رهيا.


اسرائيل جي گاديءَ واري شهر سامريہ جا سمورا رهاڪو ڏڪي ويندا، بيت‌ايل جي سوني گابي جي وڃائجڻ ڪري هو ماتم پيا ڪندا، انهن پوڄارين جا اڳواڻ گابي جي اڳئين شان وَ شوڪت تي روئندا رڙندا.


پر اڃا تائين هو گناهن مٿان گناهہ ڪندا آيا، ۽ پوڄا لاءِ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون ۽ پلٽيل بت ٺاهيائون. هو پنهنجي سوچ مطابق پنهنجي هٿن سان بت جوڙيندا رهيا، پوءِ هو انهن بتن بابت چوڻ لڳا تہ ”سندن آڏو قربانيون پيش ڪيون وڃن.“ ڇا اها چڱي ڳالهہ آهي، جو انسان گابن جي ٺهيل بتن کي معبود بڻائي چمي ڏئي؟


هاڻ جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آهيون، تنهنڪري اهو مناسب نہ آهي جو اسين سمجھون تہ هن جي ذات سون، چانديءَ يا پٿر جي ڪنهن بت وانگر آهي، جيڪو انساني هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو وڃي ٿو.


انهن ئي ڏينهن ۾ هنن هڪڙو بت ٺاهيو، جيڪو گابي جي شڪل جهڙو هو ۽ انهيءَ بت تي قرباني ڏنائون. هو پنهنجن هٿن سان ٺهيل بت کي ڏسي خوشيون ڪرڻ لڳا.


تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ بت‌پرست نہ ٿيون جهڙيءَ طرح انهن مان ڪي ٿيا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا ۽ پوءِ اٿي نچڻ ٽپڻ ۽ عياشيءَ ۾ لڳي ويا.“


مون نهاري ڏٺو تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو هو. اوهان پنهنجي لاءِ هڪ پلٽيل گابو بڻايو هو ۽ انهيءَ رستي کان جلد ڦري ويا هئا جيڪو خداوند اوهان کي ٻڌايو هو.


جِدعون کين وڌيڪ چيو تہ ”البت، آءٌ اوهان کي هڪڙو عرض ٿو ڪريان تہ اوهان مان هر ڪو ڄڻو لٽ جي مال مان پنهنجي پنهنجي مليل حصي منجھان مون کي هڪ هڪ والي ڏئي.“ مديانين ۾ اسماعيل جو گھراڻو ئي هو جنهن ۾ سونيون واليون پائڻ جو رواج هو ۽ اهي کانئن لٽيون ويون هيون.


جِدعون انهيءَ مان هڪڙو مجسمو ٺهرايو جيڪو پنهنجي شهر عفرہ ۾ کوڙي ڇڏيائين. تڏهن بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خدا سان بي‌وفائي ڪندي انهيءَ جي پوڄا ڪرڻ لڳا. سو اهو مجسمو جِدعون ۽ سندس گھراڻي لاءِ هڪڙو ڦندو بڻجي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ