Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 32:29 - Muslim Sindhi Bible

29 پوءِ موسيٰ لاوي قبيلي وارن کي چيو تہ ”اڄ اوهان پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿي پاڻ کي خداوند جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. اهو اڄ اوهان کي برڪت ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ موسيٰ چيو تہ اڄ اوهين پاڻ کي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪريو، هائو، هرڪو ماڻهو پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف ٿئي، تہ هو اڄ اوهان کي برڪت ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 32:29
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي لاوي جن پنهنجي سڀني هم‌قوم ماڻهن کي تعليم ٿي ڏني ۽ جيڪي خداوند لاءِ وقف ڪيا ويا هئا تن کي هن چيو تہ ”عهد واري پاڪ صندوق کڻي وڃي خداوند جي انهيءَ گھر ۾ رکو جيڪو بني اسرائيل جي بادشاهہ سليمان ولد دائود تعمير ڪرايو هو. اڳتي وري اوهان کي اها صندوق پنهنجن ڪلهن تي کڻي هيڏانهن هوڏانهن ڪونہ ڦرڻو پوندو. هاڻي خداوند پنهنجي خدا ۽ انهيءَ جي قوم بني اسرائيل جي خدمت ڪندا رهو.


لاويءَ جي قبيلي وارن موسيٰ جي حڪم موجب ائين ئي ڪيو. سو انهيءَ ڏينهن انهن ماڻهن مان ٽي هزار ماڻهو مارجي ويا.


ٻئي ڏينهن تي موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”اوهان تمام وڏو گناهہ ڪيو آهي. سو هاڻي آءٌ خداوند وٽ مٿي چڙهي ٿو وڃان، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪريان.“


سچائي ۽ انصاف خداوند جي نظر ۾ قربانين کان وڌيڪ افضل آهن.


اڃا بہ جيڪڏهن ڪو منهنجي نالي سان ڪوڙو پيغام ڏيندو، تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ جن کيس ڄڻيو آهي، سي پاڻ سندس موت جي فتويٰ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ هو مون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائي. سو جڏهن هو پيغام ٻڌائيندو تڏهن سندس پنهنجا ماءُ پيءُ ئي کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيندا.


جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي توڙي پنهنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، سو منهنجي لائق نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ