Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 32:28 - Muslim Sindhi Bible

28 لاويءَ جي قبيلي وارن موسيٰ جي حڪم موجب ائين ئي ڪيو. سو انهيءَ ڏينهن انهن ماڻهن مان ٽي هزار ماڻهو مارجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 سو لاويءَ جي فرقي وارن موسيٰ جي چوڻ موجب ڪيو، ۽ انهي ڏينهن انهن ماڻهن مان اٽڪل ٽي هزار ماڻهو مارجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 32:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند اسان جا خدا! تو پنهنجي قوم جي ٻڌي آهي. تون اهو خدا آهين جيڪو کين معاف ڪندو رهيو آهين، تنهن هوندي بہ سندن ڪمن جي سزا کين ضرور ڏني اٿيئي.


موسيٰ کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو آهي تہ اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي تلوار چيلهہ سان ٻڌي خيمي‌گاهہ ۾ در جي اندر هر طرف گشت ڪري ۽ پنهنجي پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي پنهنجي دوست ۽ پنهنجي پنهنجي پاڙيسريءَ کي قتل ڪري.“


پوءِ موسيٰ لاوي قبيلي وارن کي چيو تہ ”اڄ اوهان پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿي پاڻ کي خداوند جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. اهو اڄ اوهان کي برڪت ڏيندو.“


سو خداوند ماڻهن تي انهيءَ سوني گابي ٺاهڻ واري گناهہ جي ڪري آفت آندي، جيڪو هنن هارون کان ٺهرايو هو.


ٻئي ڏينهن بني اسرائيل قوم موسيٰ ۽ هارون جي خلاف شڪايت ڪرڻ لڳي تہ ”اوهان خداوند جي ماڻهن کي ماريو آهي.“


جڏهن هارون ڪاهن جي پوٽي، اليعزر جي پٽ فينحاس هي ڏٺو تڏهن هو گڏ ٿيل ماڻهن منجھان اُٿي هليو. هن پنهنجي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو کنيو


جڏهن اوهين بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت مان لاوين کي اهي شهر ڏيو، تڏهن جن قبيلن کي گھڻا شهر مليل هجن تن کان گھڻا وٺجو ۽ جن کي ٿورا مليل هجن تن کان ٿورا وٺجو. مطلب تہ هر قبيلو پنهنجي مليل ميراث مطابق لاوين کي شهر ڏئي.“


نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن زناڪاري ڪئي ۽ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٽيويهہ هزار ماڻهو موت جي حوالي ڪيا ويا.


هنن رڳو تنهنجي ئي ڳالهين تي عمل ڪيو، ۽ تنهنجي عهد کي قائم رکيائون. ايتري قدر جو پنهنجي ماءُ پيءُ بابت چيائون تہ ’اسين هنن جو سانگو نہ ٿا ڪريون،‘ هنن پنهنجي ٻارن کي بہ نہ سڃاتو، نڪي پنهنجي ڀائرن ڀينرن کي ئي پنهنجو ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ