Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 32:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جڏهن يشوع ماڻهن جي رڙين جو آواز ٻڌو تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ ”خيمي‌گاهہ ۾ جنگ جو آواز آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ ماڻهن جيڪي رڙيون پئي ڪيون، سي جڏهن يشوع ٻڌيون، تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ منزلگاهہ ۾ جنگ جو آواز آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 32:17
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي سموريون قومون! اوهين خوشيءَ مان تاڙيون وڄايو. اوهين وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڳايو،


موسيٰ يشوع کي چيو تہ ”اسان مان ڪجھہ ماڻهو چونڊي ڪڍ ۽ وڃي عماليقين سان وڙهہ. سڀاڻي آءٌ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻي انهيءَ ٽڪر جي چوٽيءَ تي بيهندس.“


تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اٿيا ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهڻ لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ


ٻئي تختيون خدا جون ٺاهيل هيون. انهن تي جيڪي حڪم لکيل هئا سي بہ خدا جا ئي لکيل هئا ۽ اهي تختين تي اُڪريل هئا.


تنهن تي موسيٰ وراڻيو تہ ”اهو آواز نہ تہ فتحمندن جي نعرن جو آهي ۽ نہ وري شڪست کائيندڙن جي دانهن جو، بلڪ جيڪو آواز آءٌ ٻڌان ٿو سو ڳائيندڙن جو آهي.“


ٻئي ڏينهن اهي صبح جو سوير اٿيا ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ڪيائون. هنن سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ جانور ذبح ڪيا. پوءِ ماڻهن ويهي کاڌو پيتو ۽ اُٿي عياشيءَ ۾ لڳي ويا.


قادرِمطلق خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چيو آهي تہ ”يقيناً آءٌ ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھڻا ئي لشڪر آڻيندس جيڪي بابل تي حملو ڪري انهيءَ کي شڪست ڏيندا ۽ فتح جا نعرا هڻندا.“


تنهنڪري آءٌ ربہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ ڀڙڪائيندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني کي جنگ جي ڏينهن تي طوفاني واچوڙن وانگر للڪار ڪندي برباد ڪري ڇڏيندي.


تنهنڪري آءٌ موآب ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا قريوت جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. اهڙيءَ طرح موآب وارا جنگ جي للڪار، نفيلن جي آواز، ۽ گوڙ گھمسان سان ختم ٿي ويندا.


يشوع ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”اوهين واڪا نہ ڪجو ۽ نہ ڏاڍيان ڳالهائجو، مطلب تہ جنهن ڏينهن تائين آءٌ اوهان کي واڪا ڪرڻ لاءِ نہ چوان، تنهن ڏينهن تائين اوهان جي واتان ڪوبہ آواز نہ نڪري. پوءِ اوهين واڪا ڪجو.“


ستين ڀيري ڦرندي جڏهن ڪاهن نفيلن مان هڪڙو وڏو آواز ڪڍڻ وارا هئا، تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ ”واڪا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند هي شهر اوهان کي ڏنو آهي.


جڏهن ماڻهن نفيلن جو ڊگھو آواز ٻڌو ۽ وڏي آواز سان وٺي واڪا ڪيائون، تڏهن شهر جو ڪوٽ اتي ئي ڪري پيو. پوءِ ماڻهو نڪ سامهون شهر ۾ ڪاهي پيا ۽ اهو وڃي هٿ ڪيائون.


پوءِ هو نفيلن سان هڪڙو ڊگھو آواز ڪن. جيئن ئي اوهين اهو ٻڌو تيئن سڀ هڪ وڏو واڪو ڪجو، تہ شهر جو ڪوٽ اتي ئي ڪري پوندو. پوءِ هر ڪو ڄڻو پنهنجي نڪ سامهون شهر ۾ ڪاهي پوي.“


جڏهن هو لحيءَ جي هنڌ وٽ اچي پهتو تڏهن فلستي رڙيون ڪندي مٿس چڙهي آيا. تڏهن خداوند جو روح هن تي زور ساڻ نازل ٿيو ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن ۽ هٿن جي چوڌاري ٻڌل هئا تن کي هن ٽوڙي ڇڏيو، ڄڻ تہ اُهي سڙيل سڻيءَ مان ٺهيل هئا.


ٻئي ڏينهن دائود صبح جو سوير اٿيو ۽ رڍون ٻڪريون هڪڙي ڌنار جي حوالي ڪري، يسيءَ جي حڪم موجب اهي سڀ شيون کڻي روانو ٿيو. جنهن مهل هو لشڪر‌گاهہ ۾ پهتو، تنهن مهل فوجون جنگ ڪرڻ لاءِ نعرا هڻنديون وڃي رهيون هيون.


تڏهن يهوداہ قبيلي جا توڙي بني اسرائيل جي ٻين قبيلن جا ماڻهو اٿيا ۽ للڪاريندا فلستين جي پٺيان ڪاهي پيا، ايتري تائين جو جات ۽ عقرون شهرن جي دروازن تائين کين ڀڄائيندا ويا. فلستين مان جيڪي ڦٽجي پيا هئا، سي شعريم جي راهہ ۾ جات ۽ عقرون شهرن تائين ڪرندا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ