Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 32:16 - Muslim Sindhi Bible

16 ٻئي تختيون خدا جون ٺاهيل هيون. انهن تي جيڪي حڪم لکيل هئا سي بہ خدا جا ئي لکيل هئا ۽ اهي تختين تي اُڪريل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 اهي تختيون خدا جون جوڙيل هيون، ۽ جيڪي مٿن لکيل هو سو خدا جو لکيل هو، ۽ تختين تي اُڪريل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 32:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪاش! اهي ڇيڻيءَ سان پٿر تي اُڪريون وڃن ها، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هميشہ لکيل رهن ها.


پوءِ جڏهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن کيس عهد واريون ٻہ تختيون ڏنائين. پٿر جي انهن تختين تي خدا پنهنجي آڱر سان پنهنجا حڪم لکيا هئا.


پوءِ موسيٰ موٽيو ۽ جبل تان هيٺ لهي آيو. خدا جي عهد جون ٻئي تختيون سندس هٿن ۾ هيون، جيڪي ٻنهي پاسن کان لکيل هيون.


جڏهن يشوع ماڻهن جي رڙين جو آواز ٻڌو تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ ”خيمي‌گاهہ ۾ جنگ جو آواز آهي.“


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون گھڙائي تيار ڪر. آءٌ انهن تي اهي ڳالهيون لکندس جيڪي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو.


سو موسيٰ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون گھڙي تيار ڪيون. جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن هو ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اٿيو ۽ اُهي پٿر جون تختيون پنهنجي هٿن ۾ کڻي سينا جبل تي چڙهي ويو.


اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.


هاڻي موت وارو اهو عهد جيڪو پٿر جي تختين تي اُڪريل هو، تنهن جي خدمت اهڙي تہ جلوي واري هئي جو موسيٰ جو منهن چمڪڻ لڳو. ايتري قدر جو بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نہ ٿي سگھيا، جڏهن تہ اهو جلوو عارضي هو ۽ هاڻي نہ رهيو آهي.


”سو انهيءَ وقت خداوند مون کي چيو تہ ’تون اڳين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون ٽُڪي ٺاهہ ۽ ڪاٺ جي هڪڙي صندوق بہ بڻاءِ، پوءِ مون وٽ جبل تي چڙهي اچ.


پوءِ آءٌ ڦري جبل تان هيٺ لٿس، منهنجي ٻنهي هٿن ۾ عهد واريون ٻئي تختيون هيون ۽ جبل باهہ سان ٻري رهيو هو.


پر هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيڪو عهد آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ