Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 32:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! تون ڇو پنهنجي انهيءَ قوم سان ايتري ڪاوڙ ٿو ڪرين، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ طاقت سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ اي خداوند، ڇو تنهنجي ڪاوڙ تنهنجيءَ اُمت تي ڀڙڪو کائي، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زور سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 32:11
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراهيم وري ڳالهايو ۽ چيائين تہ ”اي مالڪ! مون کي تو سان همت ڪري ڳالهائڻ جي معافي ملي. آءٌ تہ رڳو مٽي ۽ رک آهيان.


اهي بني اسرائيل تنهنجي قوم ۽ تنهنجي ئي تہ ميراث آهن جن کي تون اڳي مصر مان هڪ لوهہ جي بٺيءَ وچان ڪڍي آندو هو.


سو، اي خداوند! اهي تنهنجا ٻانها ۽ تنهنجي ئي قوم آهن، جن کي تو پنهنجي وڏي طاقت ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان ڇڏايو آهي.


تڏهن خدا فرمايو هو تہ ”آءٌ هنن کي برباد ڪندس.“ بلڪل ائين ئي ٿئي ها، جيڪڏهن خدا جو چونڊيل موسيٰ سندن وچ ۾ نہ پوي ها، تان‌تہ هو خدا جي ڪاوڙ ٽاري ڇڏي، ۽ اهي برباديءَ کان بچي وڃن.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پنهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’آءٌ خداوند آهيان. آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس ۽ سندن غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو زورآور هٿ وڌائي هنن کي سخت سزائون ڏيئي اوهان کي هنن کان ڇڏائيندس.


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”خداوند کان دعا گھرو تہ هي ڏيڏر مون تان ۽ منهنجي رعيت تان دفع ڪري، تہ آءٌ اوهان جي ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند لاءِ قرباني ڪن.“


اي خداوند! ڇو تو اسان کي پنهنجين واٽن کان گمراهہ ٿيڻ ڏنو، ۽ اسان جي دلين کي اهڙو سخت ڪيئِہ جو اسين تو کان ڦري وياسون؟ موٽي اچ، اي خداوند! اسان پنهنجي انهن ٻانهن جي خاطر، جيڪي تنهنجي بندگي ڪندا ٿا رهون، هائو، پنهنجي انهيءَ قوم جي خاطر، جيڪا هميشہ لاءِ تنهنجي ئي آهي.


پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ.


يروشلم جي وسندي دانهون ڪندي چوي ٿي تہ ”اي خداوند! غور ويچار ڪري ڏس تہ تو اڳ بہ ڪنهن تي اهڙو عذاب نازل ڪيو آهي؟ ايتري قدر جو مائرون پنهنجي پيارن ٻارڙن جا لاش پيون کائين، ۽ ڪاهن توڙي نبي تنهنجي پنهنجي هيڪل ۾ قتل ڪيا پيا وڃن.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي وچ ۾ هو رهيا ٿي. انهن قومن جي آڏو مون پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندي بني اسرائيل سان واعدو ڪيو هو تہ آءٌ کين مصر مان ڪڍي ايندس.


هاڻي اي پروردگار، اسان جا خدا! تو اسان پنهنجي قوم کي زورآور هٿ سان مصر ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ پنهنجو نالو قائم ڪيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. پر اسان گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏنگي هلت هليا آهيون.


اي ڪاهنؤ! اوهين هيڪل جي اڱڻ ۾ روئو رڙو، ۽ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ بيهي هيءَ دعا گھرو تہ ”اي خداوند! پنهنجيءَ قوم تي رحم ڪر. هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. ڇو غير قومون اسان تي ٺٺوليون ڪندي چون تہ ’ڪٿي آهي اوهان جو خدا؟‘“


سو هن خداوند کي چيو تہ ”تو پنهنجي ٻانهي کي ڇو تڪليف ۾ وڌو آهي؟ ڇو تو مون تي رحم جي نظر ڪانہ ڪئي، جو هن سڄي قوم جو بار مون تي رکيو اٿيئي؟


پر موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”تو هنن ماڻهن کي مصر منجھان پنهنجيءَ طاقت سان ڪڍي ٻاهر آندو آهي. هينئر جڏهن مصري ٻڌندا تہ تو پنهنجيءَ قوم سان ڇا ڪيو آهي تہ


پر موسيٰ ۽ هارون سجدي ۾ ڪري کيس چوڻ لڳا تہ ”اي خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ جي ڪري سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبين ڇا؟“


تڏهن ماڻهو موسيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اسان خداوند ۽ اوهان جي خلاف ڳالهائي گناهہ ڪيو آهي. هاڻي توهين خداوند کان دعا گھرو تہ هو نانگن کي اسان کان پري ڪري.“ سو موسيٰ انهن لاءِ دعا گھري.


سو محض پٽ نہ هئڻ ڪري اسان جي پيءُ جو نالو سندس نسل مان ڇو نڪري وڃي؟ تنهنڪري اسان جي پيءُ جي مائٽن سان گڏ اسان کي بہ حصو ڏنو وڃي.“


”سائول کي بادشاهہ بڻائي مون کي افسوس ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويو آهي ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس.“ تنهن تي سموئيل اچي پريشان ٿيو ۽ سڄي رات خداوند جي آڏو ٻاڏائيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ