Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 31:4 - Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ لاءِ تہ هو ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي سون، چانديءَ ۽ پتل جون شيون ٺاهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 انهي لاءِ تہ هوشياريءَ ۽ ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي، ۽ سون، چانديءَ ۽ پتل جو ڪم ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 31:4
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو نفتالي قبيلي جي هڪ رن‌زال جو پٽ هو ۽ هن جو پيءُ صور شهر جو رهاڪو هو ۽ اهو بہ پتل جي ڪم جو ڪاريگر هو. حورام پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ تمام ماهر ۽ تجربيڪار هو. هو سليمان وٽ آيو ۽ جيڪو بہ ڪم کيس ڏنو ٿي ويو سو پورو ٿي ڪيائين.


سو تون هڪڙو اهڙو ماڻهو مون وٽ موڪل جيڪو هر قسم جو اُڪر جو ڪم ڄاڻندو هجي ۽ سون، چانديءَ، پتل ۽ لوهہ جي ڪم ۾ ۽ واڱڻائي، لال ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ بہ ماهر هجي. هو يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ جي انهن ڪاريگرن سان گڏجي ڪم ڪندو جيڪي منهنجي پيءُ دائود جا مقرر ڪيل آهن.


”تون مقدس خيمي جي قنات ۽ پال لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا ٺهرائج، جن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن. انهن تي ڪاريگريءَ سان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيل هجن.


”مون خدا جي مرضي معلوم ڪرڻ وقت پائڻ لاءِ تون هڪڙو سينابند ٺهرائج، جيڪو مذهبي فراڪ وانگر ڪاريگريءَ سان ٺهيل هجي. اهو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن واري سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون مان ٺهرائج.


مون هن کي دانائيءَ، سمجھہ، علم ۽ هر قسم جي ڪاريگريءَ ۾ پنهنجي روح سان ڀرپور ڪري ڇڏيو آهي،


هو هيرن جواهرن کي جڙڻ لاءِ گھڙي تيار ڪري ۽ ڪاٺ کي اُڪري. مطلب تہ هو هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ