هو نفتالي قبيلي جي هڪ رنزال جو پٽ هو ۽ هن جو پيءُ صور شهر جو رهاڪو هو ۽ اهو بہ پتل جي ڪم جو ڪاريگر هو. حورام پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ تمام ماهر ۽ تجربيڪار هو. هو سليمان وٽ آيو ۽ جيڪو بہ ڪم کيس ڏنو ٿي ويو سو پورو ٿي ڪيائين.
موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”بيشڪ تو مون کي چيو آهي تہ ’هنن ماڻهن کي وٺي هل.‘ پر تو مون کي اهو ڪونہ ٻڌايو آهي تہ مون سان گڏ ڪنهن کي موڪليندين، جيتوڻيڪ تو ائين بہ فرمايو آهي تہ ’آءٌ تو کي نالي سان سڃاڻان ٿو‘ ۽ ’منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي.‘
سو بصلايل، اهلياب ۽ ٻيا سڀيئي ڪاريگر ماڻهو، جن کي خداوند دانائي ۽ سمجھہ عطا ڪئي هئي، سي مقدس خيمي جي ڪم جي سموري ڪاريگريءَ کي سمجھي خداوند جي حڪم موجب ڪم ڪندا.“
دان جي قبيلي مان احيسمڪ جو پٽ اهلياب بہ هن جو مددگار هو، جيڪو اُڪر جو ڪم ڪندڙ ۽ ماهر نقاش هو. هو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪندڙ هو.